اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آڊيو ليڪس عمران خان نيازي جي ڪوڙي بيانيي ۽ موجوده حڪومت جي خلاف زهريلي پروپئگنڊه کي بري طرح بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي قوم جي سامهون حقيقت ظاهر ٿي چڪي آهي، اس??ن رياست کي بچائڻ جي ??اءِ پنهنجي سياست کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو، ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو، عوام سچ ۽ ڪوڙ، خدمت ۽ فراڊ، رياڪاري ۽ سچائي ۾ فرق ڪري، عوام سدائين صحيح فيصلو ڪندي آهي. بهاره ڪهو باءِ پاس منصوبي جي ??يڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هي هڪ عظيم عوامي منصوبو آهي جنهن کي شفاف واڪ تحت اين ايل سي کي ڏنو ويو آهي، منصوبي کي چئن مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جو معاهدو ٿيو آهي پر اين ايل سي عملدارن کي چوان ٿو ته ان کي ٽن مهينن ۾ مڪمل ڪيو وڃي، مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جو هڪ نه، درجنين اهڙا مثال آهن ته ا??ڙي طرح جا منصوبا ڏيڍ ۽ ٻن مهينن جي عرصي ۾ مڪمل ٿيا آهن، جيڪڏهن ان منصوبي تي خرچن ۾ گهٽتائي ٿي سگهي ٿي ته ان جي ??اءِ به ??وششون ڪيون وڃن، منصوبو انتهائي اعليٰ معيار جو هجڻ گهرجي، ان منصوبي جي ڪري آزاد ڪشمير، جاڙن شهرن ۽ سڄي ملڪ مان سياحت جي ??اءِ ويندڙ ماڻهن کي سهولت ملندي ۽ وقت جي بچت پڻ ممڪن ٿي سگهندي. وزيراعظم چيو ته جاڙن شهرن جي حوالي سان ٻيا منصوبا به جاري آهن، ان ۾ اينٽي گريٽڊ ٽرانسپورٽ جو منصوبو پڻ شامل آهي جنهن جي ذريعي اسلام آباد جي ??ختلف سيڪٽرز مان مسافرن کي اربن ٽرانسپورٽ نظام سان ڳنڍيو ويندو. وزيراعظم چيو ته اها ڳالهه افسوسناڪ آهي ته نواز شريف دور جي شروع ڪيل عوامي ڀلائي جي ??نصوبن کي اڳوڻي حڪومت 4 سالن تائين معطل رکيو، انهن چئن سالن ۾ ڪنهن کي پبلڪ ٽرانسپورٽ جو خيال نه آيو، ميٽرو بس جي ??نصوبي کي به معطل ڪيو ويو جنهن کي نيو ايئرپورٽ تائين وٺي وڃڻو هو جڏهن ته انهن منصوبن تي اربين رپيا لڳي چڪا هئا اس??ن جي حڪومت ايندي ئي انهن منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪري ورتو آهي، ا??ڙي طرح اورنج ۽ بليو لائين منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن جنهن سان عوام جي ??شڪلاتن ۾ گهٽتائي آئي آهي. وزيراعظم چيو ته منصوبا تڏهن مڪمل ٿيندا آهن جڏهن ٽنگ تي ٽنگ رکي ڪجهه نه ڪرڻ بدران دل ۾ عوام جي ??اءِ درد ۽ تڙپ هجي. وزيراعظم چيو ته اڳوڻي وزيراعظم عمران نيازي ڏينهن رات نڪ جي ??ڪائي سان ڪوڙ ڳالهايو ۽ اهو غلط رواج قائم ڪيو ته وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائي ماڻهن کي ورغلايو وڃي. وزيراعظم چيو ته مون 40 سال پنهنجي ??ڏي ڀاءُ جي ??يادت ۾ سياست جي ??يدان ۾ گذاريا آهن، هر قسم جا لاها چا??ها ڏٺا، مارشل لاء جا دور به ??ٺا، پنهنجي سياسي مخالفن جون حڪومتون به ??ٺيون پر پنهنجي ??وري زندگي ۾ ايترو غيرذميوار ۽ ڪوڙو ماڻهو نه ڏٺو. اڳوڻي وزيراعظم بنا ڪنهن شڪ جي ??رلڊ ڪپ کٽيو ۽ اسپتال ٺاهي پر اهو ٽيم ورڪ جو نتيجو هو، ڪپتان کي ان جو ڪريڊٽ وڃي ٿو، توهان اسپتال ٺاهي اها سٺي ڳالهه آهي پر ڪنهن کي پري پري تائين اهو خيال نه هو ته ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ۽ اسپتال ٺاهيندڙ سياست جي ??يدان ۾ سراپا ڪوڙ هوندو ۽ قوم کي دوکو ڏيندو. وزيراعظم چيو ته اس??ن جي ??خلوط حڪومت آئيني طريقيڪار ۽ پارليامينٽ جي ??وٽ جي ذريعي قائم ٿي پر هن شخص پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي ??اءِ ڪهڙا ڪهڙا حربا اس??عمال نه ڪيا، آڊيو ليڪس جو ذڪر ڪندي هن چيو ته آڊيو ليڪس سان هر شيءَ واضح ٿي وئي، پوري قوم ڏسي ورتو ته ڪ??ڙي طرح عمران احمد خان نيازي پنهنجي سيڪريٽري کي پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي ترغيب ڏي ٿو ۽ سيڪريٽري ان کان هڪ قدم اڳتي وڌي ان جو ساٿ ڏي ٿو، آڊيو ليڪس سان پوري قوم جا ڪنڌ شرم سان جهڪي ويا آهن، 5 مهينن تائين عمران نيازي اهو راڳ آلاپيندو رهيو ته منهنجي حڪومت جي خلاف سازش ٿي آهي پر آڊيو ليڪس سان اها ڪهاڻي قوم آڏو ظاهر ٿي وئي آهي. وزيراعظم چيو ته اس??ن جي راءِ مختلف ٿي سگهي ٿي پر ڪنهن جي ??اڪستانيت تي ڪير آڱر نه ٿو کڻي سگهي، عمران نيازي پنهنجي سمورن سياسي مخالفن کي غدار قرار ڏنو، گذريل ڏينهن پوري دنيا ڏٺو ته ڪ??ڙي طرح هڪ اڳوڻو وزيراعظم دنيا جو ڪوڙو ترين شخص نڪتو آهي، هن انسان پوري قوم جو وقار داءُ تي لڳايو، آڊيو ليڪس پوري پاڪستاني قوم ٻڌي ۽ ان کانپوءِ ڪنهن کي چوڻ جي ضرورت نه آهي ته اها پاڪستان جي خلاف بدترين سازش هئي، هن شخص قوم ۽ ادارن کي ورڇ ڪرڻ جي سازش ڪئي ۽ سڀ کان بدترين سازش اها هئي ته هن پاڪستاني سياستدانن کي دنيا ۾ بدنام ڪيو ۽ اهو تاثر ڏنو ته خدانخواسته پاڪستاني سياستدان ٻين ملڪن سان گڏجي ??نهنجي ??لڪ جي خلاف ڪم ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته هن قومي اسيمبلي جي ??لور تي اهو بيان ڏنو هو ته جيڪڏهن اهو ثابت ٿي وڃي ته اس??ن غيرملڪي حڪومت جي سان گڏجي سازش ڪري حڪومت حاصل آهي ته اس??ن کي ڦاهي تي لٽڪايو وڃي، قوم جا 5 مهينا ضايع ٿي ويا آهن، پوري قوم کي ورڇ ڪيو ويو ۽ اها زهريلي پروپئگنڊه ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته آڊيو ليڪس کان اڳ به سمورا سنجيده ماڻهو اهو ڄاڻيندا هئا ته هي شخص ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ سڄي دنيا جي ??ائدين سان سندس ملاقاتون ٿيون، انهن اڳواڻن ۾ اهي ماڻهو به شامل هئا جن جا عمران خان پنهنجي تقريرن ۾ حوالا ڏيندو رهندو آهي، اس??ن جي انهن سان تمام سٺي ڳالهه ٻولهه ٿي، انهن پاڻ چيو ته اس??ن توهان کي زرعي ميدان ۾ مدد فراهم ڪرڻ چاهيون ٿا، انهن اڳواڻن پيٽروليم ۽ گئس پائيپ لائين جي ??نصوبن ۾ تعاون تي پڻ ڳالهه ڪئي، ان کانپوءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي ??وقعي تي پڻ اس??ن جون ملاقاتون ٿيون. وزيراعظم چيو ته عوام سمجهي چڪي آهي ته سازشي ڪهاڻي ۾ دم نه آهي، هاڻي آڊيو ليڪس ان ڳالهه تي مهر لڳائي ڇڏي آهي ته هي دنيا جو ڪوڙو ترين شخص آهي. وزيراعظم چيو ته اس??ن سڀ خطاڪار ماڻهو آهيون ۽ الله کان هر وقت معاشي جا طلبگار رهون ٿا پر قوم جي خلاف ج??ڙي طرح جي سازش ڪئي وئي دنيا جي تاريخ ۾ تمام گهٽ ئي اهڙا مثال موجود هوندا، اڳوڻي وزيراعظم اس??ن جي ڀائر دوست ملڪن کي ناراض ڪيو، آئين تحت راز نه ٿو کولي سگهي. وزيراعظم چيو ته جعلي ووٽن سان وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ هو قوم جو حال سنواري ها، غربت ختم ڪري ها، هڪ ڪروڙ گهر ۽ 50 لک نوڪريون ڏي ها پر ان جي ابتڙ هڪ سر نه رکي وئي ۽ ماڻهن کان نوڪريون کسيون ويون قوم کي مهانگائي جو طوفان ڏنو ويو، اس??ن حڪومت جي ذميواري کڻي وڏو پٿر کنيو، اس??ن رياست کي بچائڻ جي ??اءِ پنهنجي سياست کي داءُ تي لڳايو، اهو فيصلو وقت ڪندو ته اس??ن جو فيصلو صحيح هو يا غلط پر قوم انهن جي ??وڻا چئن سالن ۽ اس??ن جي 5 مهينن جي ڀيٽ نه ڪري، انهن جي حڪومت جي ??هرين مهينن ۾ ڪرپشن جا وڏا ڪيسز سامهون آيا، اس??ن جي 5 مهينن ۾ هڪ رپئي جي ڪرپشن جو الزام ناهي لڳو، مهانگائي اس??ن کي ورثي ۾ ملي آهي، اس??ن سموريون ڪوششون ڪري ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو، عمران خان جي اها خواهش ۽ تڙپ هئي ته پاڪستان ڏيوالپڻو ٿي وڃي، ان جي اها سوچ آهي ته جيڪڏهن آئون آهيان ته سڀ ڪجهه هجي ۽ جيڪڏهن آئون نه آهيان ته ڪير به نه هجي. وزيراعظم چيو ته اس??ن جي ڀرپور ڪوشش آهي ته پاڪستان جي ??عيشت کي پائيدار بنيادن تي مضبوط ڪيو وڃي، مهانگائي ۾ گهٽتائي آندي وڃي، اس??ن وٽ تيل ۽ گئس نه آهي، انهن جي درآمد تي اربين ڊالر خرچ ٿي رهيا آهن، اس??ن جا ذريعا محدود آهن پر اس??ن کي پريشان ۽ گهٻرائڻ جي ضرورت نه آهي، اس??ن ملڪ ۽ معيشت کي هن مشڪل صورتحال مان ڪڍنداسين، منهنجو اهو ايمان آهي ته جيڪڏهن اس??ن محنت ڪنداسين ته الله ان جو اس??ن کي صلو ڏيندو جيڪڏهن دبئي واريءَ مان ترقي ۽ خوشحالي آڻي سگهي ٿو ته پاڪستان ۾ ڪ??ڙي شيءَ جي کوٽ آهي، اس??ن وٽ جبل، سمنڊ، درياءَ ۽ عظيم ماڻهو آهن جن ۾ ڊاڪٽرز، انجنيئرز، سائنسدان، مختلف شعبن جا ماهر ۽ پرعزم عوام شامل آهي، اس??ن ائٽمي قوت آهيون، جيڪڏهن ڪا گهٽتائي آهي ته اها ڪم ڪرڻ جي تڙپ جي گهٽٽائي آهي، جنهن ڏينهن اها تڙپ ايندي پاڪستان ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ٿيندو. وزيراعظم چيو ته عمران خان نيازي چوي ٿو ته آئون خيرات گهرڻ ٻاهر وڃان ٿو ڇا هو خيرات ورهائڻ ويندو هو، مون کي خبر آهي ته هي هڪ دوست ملڪ ويو ۽ منٿون ڪندو رهيو ته توهان اس??ن جي ??اءِ قرض جو اعلان ڪريو، عمران خان کي پنهنجي گريبان ۾ جهاتيءَ پائڻ گهرجي ته هو ڪنهن کي دوکو ۽ فريب ڏئي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته آئون عوام کي هٿ ٻڌي چوان ٿو ته اها سچ ۽ ڪوڙ، خدمت ۽ فراڊ، رياڪاري ۽ سچائي ۽ خدمت ۽ ٽنگ تي ٽنگ رکي ويهڻ جي طرز عمل ۾ فرق ڪن، عوام سدائين صحيح فيصلو ڪندي آهي. شهباز شريف چيو ته گذريل ٽن مهينن ۾ پاڪستان جو ٽيون حصو پاڻي ۾ ٻڏي ويو آهي، سنڌ جا هيٺانهين وارا علائقا، بلوچستان، ڏکڻ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ سان تمام گهڻو نقصان ٿيو، گذريل ٻن مهينن ۾ عمران نيازي جلسا ڪري الزام بازي ڪري رهيو آهي، انهن جلسن تي ڪروڙين رپيا اس??عمال ٿي رهيا آهن، ڪاش اهو پئسو ڏکويل انسانيت جي خدمت ۽ متاثرين جي ??اءِ خيمن ۽ امدادي سامان جي خريداري تي خرچ ٿئي ها، جڏهن هي حڪومت ۾ هئا ته انهن مراعات يافته طبقن کي وڌيڪ مراعتون ڏنيون، دوست ملڪن کان تحفا وٺي وڪرو ڪيا ۽ پئسا کيسي ۾ رکيا، عمران خان کي خدا جو خوف هجڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته 75 سالن ۾ ملڪ کي ڪيترائي زخم لڳا آهن، اختلافن کي هڪ طرف رکي اس??ن کي هن ملڪ کي ٺاهڻو آهي پر عمران خان ته آهي ئي سازشي، هو چاهي ٿو ته پاڪستان ترقي ۽ خوشحالي طرف نه وڃي. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم لاهور ۾ پي ڪي ايل آئي جي شاندار منصوبي کي برباد ڪري ڇڏيو هو، ان ۾ گردن ۽ جگر جي ??يوندڪاري جي سهولت فراهم ٿيڻي هئي، ان منصوبي کي عمران خان اڳوڻي چيف جسٽس سان گڏجي برباد ڪيو ۽ قوم جا اربين رپيا ضايع ڪيا ويا، هن خيبرپختونخواهه ۾ ڪ??ڙي خدمت ڪئي آهي، اها قوم جي آڏو آهي، هڪ ڏينهن سچائي قوم جي سامهون ايندي، عمران خان جو مڪروهه چهرو پوري قوم ڏسي ورتو آهي. وزيراعظم چيو ته منهنجي دعا آهي ته الله کيس پاڪستان جي خدمت ۽ ملڪ جي ??اءِ وڙهي مرڻ جي توثيق ڏي. تقريب ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي، طارق بشير چيما، انجم عقيل، زهره ودود فاطمه ۽ ٻيون شخصيتون پڻ موجود هيون. ان کان اڳ سي ڊي اي چيئرمين ڪيپٽن (ر) عثمان تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم ۽ ايندڙ مهمانن جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته اڄ تاريخي ڏينهن آهي، هن منصوبي سان نه رڳو جاڙن شهر پر پوري پاڪستان مان ايندڙ ماڻهن کي درپيش پراڻي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ڪجهه مهينا اڳ راول ڊيم چوڪ جي افتتاح جي ??وقعي تي وزيراعظم بهاره ڪهو باءِ پاس منصوبي جي افتتاح جي ??دايت ڪئي. وزيراعظم جي ??دايت تي سي ڊي اي ضابطي جي ڪارروائي مڪمل ڪري اهو منصوبو شروع ڪيو آهي، هي منصوبو اين ايل سي جي حوالي ڪيو ويو آهي، جيڪو چئن مهينن ۾ مڪمل ٿيندو، منصوبي تحت 5.4 ڪلوميٽر باءِ پاس تعمير ڪئي ويندي جنهن ۾ هڪ انٽرچينج، هڪ فلائي اوور ۽ 4 انڊر پاسز شامل آهن. هن چيو ته وزيراعظم تعطل جي شڪار ٻين منصوبن جن ۾ اسلام آباد ايڪسپريس وي، مارگلا هاءِ وي، سيونٿ ايونيو، ريلوي پل سهالا ۽ نيلور هائيٽس شامل آهن کي به جلد مڪمل ڪرڻ جي ??دايت ڪئي آهي.