اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف افغان گادي ??اري شهر ۾ تعليمي مرڪز ۾ خودڪش حملي ۾ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ان ظلم ۽ ڏاڍ کي لفظن ۾ بيان ن?? ٿو ڪري سگهجي، دهشتگردي جي بدلجندڙ خطري جي خلاف عالمي تعاون مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم ڪابل ۾ تعليمي مرڪز ۾ خودڪش حملي ۾ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ سوڳو??ر خاندانن ۽ افغان عوام سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته جيئن ته هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب ۾ به چيو هو ته دهشتگردي ??ه رڳو افغانستان ۽ پاڪستان پر دنيا جي لاءِ خطرو آهي. دهشتگردي جي خطري جي خلاف عالمي تعاون کي مضبوط بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.