راولپنڊي – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ جي مخ??لف حصن ۾ ٻوڏ سبب متاثر ع??ائ??ن ۾ پاڪ فوج جون امدادي سرگرميون جاري آهن، ما??هن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ ۽ راشن ورهائڻ لاءِ 200 هيليڪاپٽر اڏامون هلايون ويون آهن. آءِ ايس پي آر مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٻوڏ ۾ پاٿل 1991 ما??هن کي ڪڍيو ويو آهي ۽ 162.6 ٽن امدادي سامان ٻوڏ متاثرن تائين پهچايو ويو آهي. هن وقت تائين 50 هزار کان وڌيڪ ما??هن کي آفت سٽيل ع??ائ??ن مان محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي. ٻوڏ متاثرن لاءِ سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان، ڪي پي ڪي جي ٻوڏ متاثر ع??ائ??ن ۾ 147 ريليف ڪيمپون 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيون آهن. هن وقت تائين 60 هزار کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي ۽ مريضن کي 5 ڏينهن تائين جون مفت دوائون فراهم ڪيون ويون آهن. سڄي ملڪ ۾ 221 فلڊ ريليف آئٽمز ڪليڪشن پوائنٽس قائم ڪيا ويا آهن. 1350 ٽن کان وڌيڪ خوراڪ/ دوائون ۽ ٻيون غذائي شيون جمع ڪيون ويون آهن.