ڊيره غازي خان – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻوڏ بابت وارننگ سسٽم کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ??رو??ت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻوڏ تي ضابطو آڻڻ ۽ پاڻي ??خيرو ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ وڏن ڊيمن جي تعمير ??رو??ي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ٻوڏ کان متاثر علائقن جي دوري جي موقعي تي ڊيره غازي خان ضلعي انتظاميا پاران ڏيندڙ بريفنگ دوران ڪيو. صدر ڊيره غازي خان ?? 3 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي بيٺل فصل، قيمتي جاني ۽ مالي نقصان ?? هزارين عمارتن کي پهچندڙ نقصان تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي صدر چيو ته ماڻهن جي جان ?? مال، چوپائي مال، گه??ن ۽ فصلن کي پهچندڙ نقصان جو ازالو ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. هن ٻوڏ بابت وارننگ سسٽم کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جي ??رو??ت تي زور ڏنو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڊيره غازي خان ?? جابلو ٻوڏ جي پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ جي لاءِ ڊيلي ايڪشن ڊيمن جي تعمير تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ٻوڏ تي ضابطو آڻڻ ۽ پاڻي ??خيرو ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ وڏن ڊيمن جي تعمير ??رو??ي آهي. صدر چيو ته حڪومت پاران ٻوڏ متاثرين جي نقصانن جو جلد ازالو ڪرڻ جي ??رو??ت آهي. فصلن جي انشورنس ڪرڻ سان آفتن سبب آبادگا??ن ۽ هارين جي نقصان کي پورو ڪري سگهجي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آبادگارن کي فصلن جي انشورنس ڪرائڻ جي ترغيب ڏني وڃي. ٻوڏ کانپوءِ بيمارين جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ صحت جون ??رو??تون پوريون ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي.