دوحه – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان قطر سان روايتي ويجهي سياسي لاڳاپن کي جامع اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هوابازي، جهاز راني، صنعتي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ ٻطرفي اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، قطر جا سيڙپڪار پاڪستان جي آزاداني ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻندي زراعت، لائيو اسٽاڪ، سياحت ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن قطر ا??ويسٽمينٽ اٿارٽي جي چيف ايگزيڪيوٽو آڦيسر منصور بن ابراهيم الحمود ۽ آفريقا ۽ اي??يا پيسفڪ ريجنز بابت چيف انويسٽمينٽ آفيسر شيخ فيصل ثاني الثاني تي ٻڌل قطر ا??ويسٽمينٽ اٿارٽي جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. قطر ا??ويسٽمينٽ اٿارٽي دنيا جي سڀ کان وڏي خودمختيار ويلٿ فنڊز مان هڪ آهي. ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي دوحه پهچڻ کان فوري پوءِ وزيراعظم جي اها پهرين مصروفيت هئي. ڪابينا جا اهم ميمبر ۽ سينيئر عملدار وزيراعظم سان گڏ هئا. قطر جي امير جي دورانديش قيادت ۾ قطر جي تيز رفتار ا??تصادي ترقي کي ساراهيندي وزيراعظم ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان قطر سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ روايتي سياسي لاڳاپن کي هڪ جامع اقصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم شمسي توانائي، هوا مان بجلي پيدا ڪرڻ، هوابازي، جهاز راني، صنعتي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ مهمان نوازي جي شعبن سميت خاص طور تي قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ ٻطرفي اقتصادي ۽ سيڙپڪاري رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم پاڪستان جي منفرد ۽ جاگرافيائي ۽ آبادياتي فائدن کي اجاگر ??يو جنهن ۾ هڪ وڏي وچولي طبقي جي مارڪيٽ ۽ هنرمند افرادي قوت سان پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ اهميت رکندڙ آهي. پاڪستان جي آزاداڻي ۽ ڪاروبار دوست سيڙپڪاري جي پاليسين کي اجاگر ??ندي وزيراعظم قطري سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ توانائي، هوابازي، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ، ميري ٽائيم، سياحت ۽ مهمان نوازي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. هن قطري سيڙپڪارن تي پڻ زور ڏنو ته اهي علائقائي رابطي ۽ گڏيل خوشحالي جي لاءِ پاڪ چين اقتصادي لنگهه سان پيدا ٿيندڙ موقعن مان فائدو کڻن. وزيراعظم قطر ا??ويسٽمينٽ اٿارٽي کي شفاف ۽ تيزي سان معاملن کي اڪلائڻ جي حوالي سان مڪمل سهولت فراهم ڪرڻ جي پڻ خاطري ڪرائي. لاڳاپيل وزارتن پاران پاڪستان ۾ فوڊ سيڪيورٽي، توانائي، جهاز راني، هوابازي، مهمان نوازي ۽ سياحت جي شعبن ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ??يو ويو. وزيراعظم پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ قطر ا??ويسٽمينٽ اٿارٽي جي دلچسپي کي ساراهيو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻنهي طرفان نامزد نمائندا سيڙپڪاري جي لاءِ اهم تجويزن تي عملدرآمد جي حوالي سان ويجهي رابطو برقرار رکندا. وزيراعظم منصور بن ابراهيم الحمود ۽ شيخ فيصل ثاني الثاني کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. قطر ا??ويسٽمينٽ اٿارٽي جي وفد پاڪستان کي پنهنجي ترجيح قرار ڏيندي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.