ملتان – 04 – آگسٽ (اي پي پي) ناليواري تعليمي ماهر ۽ دانشور پروفيسر ڊاڪٽر حميد رضا صديقي چيو آهي ته ڪشمير جو مسئلو هندستان جي و??ڇ ??ان اڳ جو آهي، ڪشميري عوام ڊوگرا راڄ ۽ هندو استحصال جو شڪار رهي، انهن جي ڪوشش رهي ته پاڪستان وانگر اسان به هندن جي غلامي ??ان پاڻ کي آزاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين پر ائين نه ٿي سگهيو ۽ مختلف موقعن تي اتان جي ماڻهن جدوجهد جاري رکي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان اي پي پي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. ڊاڪٽر حميد رضا صديقي چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ جي موقعي تي هندستان انهن تي جارحيت ذريعي قبضو ڪري و??تو ۽ ننڍي کنڊ جي و??ڇ جي وقت جيڪي عالمي اصول طئي ٿيا هئا انهن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ٻ??ن معاملن ??ان اسان سڀ واقف آهيون، ڪشمير کي هڪ خصوصي صوبي جي حيثيت ڏني و??ي هئي ۽ ان جي لاءِ هندستان جي آئين ۾ شقون رکيون ويون هيون پر 3 سال اڳ 5 آگسٽ تي ان ۾ ترميم ڪري اهي شقون ڪڍيون ويون ۽ ان کي باقاعده ڀارت جو حصو قرار ڏنو ويو ه??، هاڻي ان جو نتيجو اهو نڪتو ته اتي جيڪي خصوصي سهولتون ڏنيون ويون هيون اهي ختم ٿي ويون، غيرڪشميرين کي اتي آباد ٿيڻ جي اجازت ملي و??ي، هي ا??و طريقو آهي جيڪو يهودين اسرائيل ۾ استعمال ڪيو هو ۽ ان طريقي سان مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪيو وي??، هي ڏينهن ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ته ڪشميري ڪڏهن به پنهنجي حقن تان دستبردار نه ٿيندا ۽ آخرڪار انهن کي ڪاميابي ملندي. اسان اخلاقي طور تي، مالي طور تي، سياسي طور تي ۽ عالمي طور تي انهن جي مدد ڪرڻ جا پابند آهيون ۽ اخلاقي طور تي اسان جي ذميواري به بڻجي ٿي ته ڪشميرين تي جيڪي ظلم ڪيا پيا وڃن انهن ??ان دنيا کي آگاهه ڪريون ۽ انهن جي جدوجهد لاءِ ڪوششون ڪريون ۽ هاڻي يقينن اهو وقت اچڻ وارو آهي جڏهن ڪشميري آزاد فضا ۾ ساهه کڻي سگهندا.