اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت سفارتي ذريعن سان هڪ ٻئي جي تحويل ۾ قيدين جي فه??ستن ??ي مٽاسٽا ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب فه??ستن ??ي هڪ ئي وقت مٽاسٽا 2008ع جي قونصلر پهچ جي معاهدي تحت ٿي. معاهدي تحت ٻنهي ملڪن کي هر سال پهرين جنوري ۽ پهرين جولاءِ تي هڪ ٻئي جي تحويل ۾ قيدين جي فه??ستن ??ي مٽاسٽا ڪرڻي هوندي آهي. بيان موجب پاڪستان حڪومت پاڪستان ۾ قيد 266 ڀارتي قيدين (49 سويلين قيدين ۽ 217 مُهاڻن) جي فه??ست اسلام آباد ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪئي. ان سان گڏ ئ?? ڀارتي حڪومت ڀارتي جيلن ۾ پاڪستاني قيدين جي فه??ست پاڪستاني هاءِ ڪميشن نئين دهلي جي هڪ آفيسر سان شيئر ڪئي. فه??ست موجب ڀارت جي جيلن ۾ مجموعي ??ور تي 462 پاڪستاني آهن جن ۾ (381 شهري قيدي ۽ 81 مُهاڻا) شامل آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان جدا کان ڀارتي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته اها انهن سمورن پاڪستانين (52 شهري قيدين ۽ 56 مُهاڻن) کي آزاد ڪري ۽ وطن واپس موڪلي جن پنهنجي سزا پوري ڪري ورتي آهي ۽ جن جي قومي حيثيت جي تصديق ٿي چڪي آهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڀارتي حڪومت تي پڻ زور ڏنو ويو آهي ته اها انهن سمورن پاڪستانين جي حفاظت، سلامتي ۽ ڀلائي کي يقيني بڻائي جيڪي آزادي ۽ وطن واپسي جا منتظر آهن. پاڪستان وڌيڪ اهو ته 1965ع ۽ 1971ع جي جنگين جي 38 گم ٿيل دفاعي ??هلڪارن کي قونصلر پهچ ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي.