اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پي آءِ اي جي يورپ جي لاءِ اڏامن جي بحالي کانپوءِ ??يرس جي لاءِ ??هرين اڏام جي روانگي تي عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پي آءِ اي جي يورپ جي لاءِ اڏام جي بحالي سان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت ٿيندي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني سڌوسنئون اڏامن مان فائدو کڻي سگهندا. اڏامن جي بندش سان قومي اي??ر لائينز کي اربين ڊالر جو ??قص??ن ۽ ان جي ساک متاثر ٿي. الله جي فضل ۽ ڪرم سان حڪومت قومي اي??ر لائينز جو تشخص بحال ڪيو. وزيراعظم چيو ته يورپ اڏامن جي بحالي کانپوءِ ??ي آءِ اي ترقي طرف گامزن آهي. ان حوالي سان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، هوابازي ۽ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، لاڳاپيل سمورا ادارا، ان جا آفيسر ۽ اهلڪار ساراهه جي لائق آهن.