اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايف بي آر کي هدايت ڪئي آهي ته عدالتن ۾ اوڳاڙين جي التوا هيٺ ڪيسن کي جلد کان جلد اڪلائڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن، دير ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، غريب عوام کي ٽي??س جو وڌيڪ بار وجهڻ جي بدران باقيدارن کان ٽي??س وصول ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ان لينڊ روينيو جي اپيليٽ ٽرب??ون??ز جي معاملن تي جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي عدالتن ۾ التوا هيٺ اوڳاڙين جي ڪيسن کي جلد کان جلد اڪلائڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ايف بي آر اوڳاڙين جي ڪيسن کي جلد کان جلد اڪلائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي. وزيراعظم اپيليٽ ٽرب??ون??ز ان لينڊ روينيو ۾ عالمي معيار جي افرادي قوت کي سُٺي پگهار، مراعتن ۽ پيشيواراڻي ٽيلينٽ جي بنياد تي مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن حڪم ڏنو ته اپيليٽ ٽرب??ون??ز ۾ بهترين ٽيلينٽ کي مقرر ڪري اوڳاڙين ج?? ڪيس فوري حل ڪيا وڃن، ان ڪم ۾ دير ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان ايف بي آر اوڳاڙين تي ڪم تيزي سان ج??ري آهي. تازو ئي مون ڪراچي ۾ فيس ليس اسيسمنٽ نظام جاري ڪيو، جديد خودڪار نظام سان ڪرپشن جو خاتمو ۽ ڪسٽمز ڪليئرنس جي لاءِ گهربل وقت ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ٿي. ملڪ ۽ قوم جي هڪ هڪ پئسي جو تحفظ ڪنداسين، ٽي??س نه ڏيندڙن کان ٽي??س وصول ڪنداسين، نه وري غريب عوام تي ٽي??س جو بار وجهنداسين. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ان لينڊ روينيو اپيليٽ ٽرب??ون??ز جي سڌارن تي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم سڌارن کي مقرر مدي ۾ م??مل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، اٽارني جنرل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.