اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي) وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد، مري، گليات ۽ پوٺوهار خطي سميت اتر/ اولهندي بلوچستان، خيبر پختونخوا ??ي مٿانهين وارن، گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ ڀرپاسي جابلو علائقن ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق ان دوران شام ۽ رات جي وقت ۾ خيبر پختونخوا ??ي مٿانهين وارن ڪجهه ه??ڌن تي وچولي کان شديد برسات/ برفباري جو امڪان آهي، جڏهن ته پنجاب جي اڪثر ميداني علائقن ۽ مٿانهين سنڌ ۾ شديد ڪوهيڙو ڇانئيل رهڻ جڏهن ته ??لڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ جزوي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي. رپورٽ مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ??لڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ جڏهن ته جابلو علائقن ۾ سخت ٿڌي رهي، جڏهن ته اتر بلوچستان ۾ ڪجهه ه??ڌن تي هلڪي برسات ٿي. پنجاب جي اڪثر ۽ ا??ر سنڌ ۾ شديد ڪوهيڙو ڇانئيل رهيو. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد اسڪردو، گوپس ۾ ڪاٽو 09، ليه ۾ ڪاٽو 08، گلگت ۾ ڪاٽو 06، استور ۾ ڪاٽو 05، هنزه ۽ چترال ۾ ڪاٽو 04 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.