اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ڌرڻن ۾ قا??ون پائمال ڪرڻ، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ قا??ون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي شهيد ۽ زخمي ڪندڙن کي سخت سز??ئو?? ڏنيون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ اسلام آباد ۾ 24 نومبر تي ٿيندڙ ڌرڻي ۾ فسادن جي جاچ جي لاءِ جوڙيل ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، قا??ون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته انتشار ڦهلائيندڙن بيلاروس جي صدر جي پاڪستان جي دوري دوران ملڪ جي گادي واري شهر تي چڙهائي ڪئي جيڪا اسان جي لاءِ ش??يد شرمندگي جو سبب بڻي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ انتشار ڦهلائيندڙن جي خلاف قا??وني ڪارروائي تي اڳڀرائي جو هفتيوار جائزو ورتو ويندو. هن هدايت ڪئي ته ڌرڻن ۾ قا??ون پائمال ڪندڙن، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ قا??ون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي زخمي ۽ شهيد ڪندڙن کي قا??ون موجب سخت سز??ئو?? ڏنيون وڃن. هن چيو ته پاڪستان ۾ موجوده دور جي گهرجن موجب عالمي معيار جي فسادن جي خلاف فورس جوڙي ويندي، اسلام آباد سيف سٽي ۾ فارنزڪ ليب شامل ڪري ان کي عالمي معيار موجب بڻايو ويندو ۽ ان جي لاءِ ضروري وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته واردات جي موقعي تان هٿيار، فائرنگ جي نتيجي ۾ ملندڙ ڪارت??س ۽ خول ۽ ٻيا ثبوت گڏ ڪيا ويا آهن ۽ سمورا ثبوت فارنزڪ جي لاءِ موڪليا ويندا، واردات جي موقعي تي موجود فسادين جي سڃاڻپ جو عمل به تيزي سان مڪمل ڪيو پيو وڃي، سڃاڻپ کانپوءِ سمورن فسادين کي عدالتن ۾ پيش ڪيو ويندو.