راولپنڊي-04 نومبر (اي پي پي)خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چي?? آهي ته ڪي پي ڪي ۾ معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ نه صرف صوبي پر ملڪ جي ترقيءَ لاءِ ضروي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري طرفان پنهنجي اعزاز ۾ ڏنل استقباليه کي خطاب دوران ڪيو. تقريب کي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريءَ جي صدر عثمان شوڪت، اڳوڻي صدر ارشد مشهدي، ووم?? چيمبر آف ڪامرس جي صدر قرة العين ۽ ٻين عهديدارن پڻ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. گورنر چيو ته ڪي پي ڪي جي وچ ايشيا سان واپار جي ستن روٽن مان اسان کي فائدو کڻڻ گهرجي. ه?? چيو ته تاجڪستان بندر عباس کان واپار ڪري ٿو، جيڪڏهن اسان جي ملڪ ۾ گوادر سان هو ڳنڍيل هجي ها ته ان کي گهٽ وقت ۾ عالمي مارڪيٽ تائين رسائي حاصل ٿيندي ۽ اسان کي به معاشي فائدو ٿيندو. قيمتي پٿرن جي سڀ کان وڏي مارڪيٽ ڪي پي ڪي ۽ پشاور ۾ آهي، دنيا اسان سان واپار ڪرڻ چاهي ٿي پر ڪي پي ڪي ۾ بدقسمتي سان امن امان جي صورتحال ان جي راهه ۾ رنڊڪ آهي. ه?? چيو ته پشاور ۽ گورنر هائوس جا دروازا سڄي ملڪ جي ڪاروب??ري طبقي لاءِ کُليل آهن، منهنجو س??ڪا?? اوهان سان گڏ آهي. هن راولپنڊي ووم?? چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي ميمبرن کي دعوت ڏني ته هو ڪي پي ڪي ووم?? چيمبر آف ڪامرس سان س??ڪا?? کي وڌيڪ مستحڪم ڪن، گورنر هائوس ان سلسلي ۾ اوهان جو ساٿ ڏيندو. ه?? چيو ته پشاور ۾ ايڪسپو سينٽر بڻائڻ جي حوالي سان مان واپار و??ري وزارت جو ٿورائت?? آهيان، ان سان صوبي جي سُڃاڻپ روشن ٿيندي. واپ??ري اڳواڻن ملڪ جي ترقي ۾ پ پ جي قيادت جي ڪردار کي ساراهيو، هن معاشي ترقي جون ڪيتريون ئي تجويزون پڻ پيش ڪيون.