سرينگر-25 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسن ۽ سڄي دنيا ۾ ترسيل ڪشميري 27 آڪٽوبر کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا ته جيئن دنيا کي اهو واضح پيغام ڏئي سگهجي ته ڀارت سندن مادر ??طن تي غير قانوني طور تي سندن خواهشن خلاف ??بضو ڪري رکيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب 27 آڪٽوبر 1947ع تي ??ارت ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي فارمولي جي کليل خلاف ??رزي ۽ ڪشميرين جي امنگن خلاف سرينگر جي هوائي اڏي تي پنهنجي فوج لاهي ڄمون ڪشمير تي قبضو ڪري ورتو هو. ڪاري ڏينهن جي موقعي تي آزاد ڪشمير، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ احتجاجي مارچ، ريليون ۽ سيمينار منعقد ڪيا ويندا. ان موقعي تي بي جي پي جي هندوپرست حڪومت طرفان 5 آگسٽ 2019ع تي ??مون ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي به مذمت ڪئي ويندي. ڪ??رو ڏينهن ملهائڻ جو سڏ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏنو آهي ۽ ٻين آزاد پسند تنظيمن ان جي حمايت ڪئي آهي. حريت اڳواڻن ڪشميرين تي زور ڀريو آهي ته هو ڪ??رو ڏينهن ملهائي دنيا تي واضح ڪن ته ڄمون ڪشمير جي ڀارتي ??اڍ کان آزادي تائين پنهنجي آزادي جي جدوجهد جاري رکندا. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪري ۽ ڪشميرين کي درپيش انساني حقن جي سنگين خلاف ??رزين ۽ سياسي ناانصافين جو نوٽيس وٺي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ??ائونسل جي قراردادن موجب ڪشميرين کي سندن خود اراديت و??رو حق ڏيارڻ لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهي. سرينگر، بارهموله، پلوامه، اسلام آباد، ڪولگام، ڪپواڙه ۽ ڄمون ڪشمير جي ٻين حصن ۾ پوسٽر لڳايا ويا آهن جن ۾ ڪشميرين تي زور ڀريو ويو آهي ته هو پنهنجي مادر ??طن تي ??ارت جي غير قانوني قبضي خلاف آچر ڏينهن مڪمل هڙتال ڪن. پوسٽرن تي ??ل جماعتي حريت ڪانفرنس جي چيئرمين مسرت عالم بٽ، شبير احمد شاه، محمد ياسين ملڪ، مير واعظ عمر فاروق ۽ مشتاق الاسلام سميت سينئر حريت اڳواڻن جون تصويرون موجود آهن. پوسٽر سماجي رابطن جي ويب سائٽس، ايڪس، فيس بڪ ۽ واٽس ايپ تي به اپ لوڊ ڪيا ويا آهن.