اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قز??خس??ان جي وزيراعظم اولزاس بيڪ تينوف سان شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي 23هين اجلاس جي موقعي تي لاڀائتي ملاقات ٿي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ملاقات دوران واپار، سيڙپڪاري، ٽرانسپورٽ، مواصلات، زراعت، دفاع، تعليم ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي خ??الن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي نئين بلندين تائين پهچائڻ جي لاءِ سرڪاري وفدن جي مٽاسٽا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته هن قز??خس??ان جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني، پاڪستان ۽ قز??خس??ان جي لاڳاپن جي روشن مستقبل جي لاءِ پراعتماد آهيون.