اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي 30 کان 31 آڪٽوبر تائين قطر جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وز??راعظم دوحه ۾ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني، وز??راعظم/ پرڏيهي معاملن واري وز??ر محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ ٻئي ڌريون ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺنديون ۽ خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون جا نوان موقعا ڳ??لينديون. قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي ۽ قطر بزنس مين ايسوسيئيشن جي قائداڻي سطح جا وفد وز??راعظم سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳ??لڻ جي لاءِ ملاقات ڪندا. وز??راعظم 31 آڪٽوبر تي ثقافتي نمائش ”منظر: آرٽ اينڊ آرڪيٽيڪچر پاڪستان 1940ع کان هيستائين“ جو افتتاح پڻ ڪندو. اها نمائش پاڪستان جي ڀرپور ثقاف??ي ۽ تعميري ورثي جي نمائش ڪندي ۽ پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ عوام سان عوام جي گهري رابطن کي ??جاگر ڪندي.