اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته استادن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسان انهن ماڻهن کي ??راج تحسين پيش ڪيون ٿا جن پاڪستان جو مستقبل ٺاهڻ ?? علم کي هٿي ڏيڻ واري عظيم مشن کي ??رانجام ڏيڻ جو عهد ڪيو آهي. استاد اسان جي مستقبل جا معمار آهن، سندن ڪاوشن بنا اسان پنهنجي انهن خواهشن کي پورو نه ٿا ڪري سگهون جيڪي اسان قوم جي حيثيت سان پنهنجي لاءِ طئي ڪري رکيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم استادن جي عالمي ڏينهن (5 آڪٽوبر) تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ اسان پنهنجي قوم جي مستقبل جي معمار طور استادن جي قدر جوڳي ڪردار کي ??سليم ڪندي استادن جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ ۾ عالمي برادري سان گڏ آهيون. وزيراعظم چيو ته اڄوڪي ڏينه?? اسان انهن ماڻهن کي ??راج تحسين پيش ڪيون ٿا جن پاڪستان جي مستقبل جي جوڙجڪ ۽ علم کي هٿي ڏيڻ جي عظيم مشن کي ??رانجام ڏيڻ جو عهد ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته حقيقت ۾ ڪنهن ملڪ جي ترقي بنيادي طور تي ات?? جي فردن جي تعليم سان جڙيل هوندي آهي ۽ اها استادن جي اڻ ٿڪ محنت ئي آهي جيڪا نوجوان نسل ۾ ترقي ۽ خوشحالي جو لڳاءُ پيدا ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته آئون پاڪستان جي سمور?? استادن جو دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان جيڪي پنهنجي پختي عزم سان نوجوان ذهنن کي ??نواريندا آهن. هو اسان جي مستقبل جا معمار آهن ۽ علم تي ٻڌل معيشيت ٺاهڻ واري اسان جي مقصد جي لاءِ سندن محنت اڻ ٽر آهي، سندن ڪاوشن بنا اسان پنهنجي انهن خواهشن کي پورو نه ٿا ڪري سگهون جيڪي اسان قوم جي حيثيت سان پنهنجي لاءِ طئي ڪري رکيون آهن. هن چيو ته پاڪستان حڪومت استادن سان ڪيل پنهنجي وعدي کي پورو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته اسان هڪ همٿائيندڙ ۽ سٺي معاون تدريسي افرادي قوت جي اهميت کي ??سليم ڪيون ٿا ۽ جديد بنيادي ڍانچي ۽ تعليمي وسيلن ۾ سيڙپڪاري جاري رکنداسين. هن چيو ته اسان جو مقصد هڪ اعليٰ ڪارڪردگي وارو تعليمي نظام ترتيب ڏيڻ آهي، جيڪو اسان جي شاگردن ۽ استادن کي ??يزي سان بدلجندڙ دنيا ۾ ترقي جا ڏاڪا طئي ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهي. وزيراعظم چيو ته اچو، اسان اڄ ۽ هر ايندڙ ڏينهن کي پنهنجي استادن جي انتهائي اثر انگيز ڪردار طور ملهايون ۽ پاڪستان جي مستقبل جي اڳواڻن کي ??عليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ ۽ سندن حوصله افزائي ڪرڻ واري سندن مشن ۾ معاونت ڪرڻ واري پنهنجي عزم کي ورجايون.