راولپنڊي-18 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جي جنگي سامونڊي جهاز پي اين ايس شمشير آپريشن ”ٽيلو?? گرپ“ ۾ حصو ورتو. پي اين ايس شمشير هن وقت نار عمان ۾ علائقائي مير?? ٽائيم سيڪيورٽي پيٽرول تي مقرر آهي. آءِ ايس پي آر موجب علائقائي مير?? ٽائيم سيڪيورٽي پيٽرول تي مقرريءَ دوران پي اين ايس شمشير جي شراڪتدار ۽ دوست ملڪن سان آپريشن ٽيلو?? گرپ ۾ شرڪت ڪئي. ان کان علاوه برطانيه جي رائيل نيوي جي جهاز ايڇ ايم ايس لنڪاسٽر سان مشق جو بندوبست ٿيو. مشق جو مقصد ٻنهي سامونڊي فوجن وچ ۾ هم آهنگي ۽ گڏيل تع??ون کي بهتر بنائڻ ۽ خطي ۾ گڏيل آپريشنز ڪرڻ جي صلاحيت جو مظاهرو ڪرڻ هو. پاڪ بحريه ڪمبائنڊ مير?? ٽائيم فورسز تحت هندي س??نڊ ۾ سامونڊي ڌاڙيلن ۽ منشيات جي روڪٿام لاءِ به سرگرم آهي. پاڪ بحريه هندي س??نڊ ۾ قومي ۽ عالمي سامونڊي رستن جي نگرانيءَ لاءِ پنهنجي موجودگي برقرار رکيو پئي اچي.