اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) سفير آمنه بلوچ پاڪستان جي 33 هين پرڏيهي سيڪريٽري طور پنهنجُون ذميداريُون سنڀالي ورتيُون آهن. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب تجربيڪار سفارتڪار آمنه بلوچ اسلام آباد ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز ۾ ڪيتريون ئي اهم ذميواريون سرانجام ڏنيون آهن. هن 2014ع ک??ن 2017ع تائين چينگڊو چين ۾ پاڪستان جي قونصل جنرل جي طور تي خدمتون سرانجام ڏنيون، هو 2019ع ک??ن 2023ع تائين ملائيشيا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر جي طور تي فرض سرانجام ڏئي چڪي آهي. هن 2023ع ۽ 2024ع ۾ يورپي ي??نين، بيلجيم ۽ لڪمسمب??گ ۾ سفير جي حيثيت سان پڻ ذميواريون نڀايون آهن.