اسلام آباد-05 سيپٽمبر(اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئ??مي?? رانا مشهود احمد خان سان پاڪستان جي اُڀرندڙ ريسلر اطهر زاهد ملاقات ڪئي جيڪو 4 آڪٽوبر تي نيپال ۾ ٿيندڙ عالمي ريسلنگ چيمپئ?? شپ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. ان موقعي تي چيئ??مي??، اطهر زاهد جي عزم ۽ محنت جي تعريف ڪئي ۽ ان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. اطهر زاهد جيڪو ڀارتي ريسلر سنگهم دوبي سان مقابلي لاءِ پُرعزم آهي، چيو ته هو ڀرپور محنت سان پاڪستان لاءِ هي ٽائٽل کٽڻ لاءِ تيار آهي. چيئ??مي??، پاڪستان جي نوجوانن جي صلاحيتن تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته ن??جوان رانديگرن جي حمايت حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته جيئن هو ع??لمي سطح تي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن. عالمي ريسلنگ چيمپئ?? شپ نيپال ۾ منعقد ٿيندي ۽ پاڪستاني عوام اطهر زاهد جي ڪاميابيءَ لاءِ پُراميد آهي. چيئ??مي?? چيو ته ملڪ ۾ راندين کي هٿي ڏيارڻ لاءِ ڪوشان آهيون ۽ ان سلسلي ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت ٽيلنٽ هنٽ اسپورٽس ??روگرام ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان بهترين ٽيلنٽ کي چونڊيو ويندو ۽ ان کي بهترين تربيت فراهم ڪئي ويندي.