اسلام آباد-05 سيپٽمبر(اي پي پي) يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن 800 کان وڌيڪ شين جي اگهن ۾ 10 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪئي آه??، ڪارپوريشن ج?? بيان موجب مختلف برانڊز جا گيهه، ڪوڪنگ آئل، چانهه، صرف، نوڊلز، ڪيچ اپ، ٽيٽرا پيڪ کير، خشڪ کير، مصالحا، سانڌاڻي، صابڻ، ٽوٿ پيسٽ ?? ٻين شين جي اگهن ۾ 200 روپين تائين جي شاندار لاٿ ڪئي وئي آه??. هن چيو ته يوٽيلٽي اسٽورز ت?? بينظير انڪم اسپورٽ پروگرام جي سبسڊي في الحال بند آه??، جيڪا تمام جلد نئين طريقيڪار تحت بحال ٿي ويندي، بيان موجب يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي انتطاميا صارفين کي بهترين خدمتون فراهم ڪرڻ لاءِ نئين حڪمت عملي تي ڪم شروع ڪيو آه??. ادارو صارفين جو اعتماد بحال رکڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آه??، ترجمان چيوته صارفين کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ ، معياري ۽ رعايتي شين جي وڌيڪ مقدار ۾ فراهمي لاءِ عملي طور تي قدم کنيا پيا وڃن.