اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عسڪري سطح تي مٽاسٽا تي ??طمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ لازمي آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چين جي پيپلز لبريشن آرمي (پي ايل اي) جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر جنرل لي چيائو منگ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئ??. و??يراعظم پاڪستان اچڻ تي ??نرل لي جي آجيان ڪئي. جنرل لي سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل اسٽريٽجڪ لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ اعتماد جوڳا دوست آهن. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي پاڪستان ۾ وسي?? عوامي، سياسي ۽ اداراجاتي ??مايت حاصل آهي جيڪا ٻنهي ملڪن جي ترقي جي لاءِ ضروري آه??. و??يراعظم عسڪري سطح تي مٽاسٽا تي ??طمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ لازمي آهن. جنرل لي وزيراعظم سان ڳالهائيندي چيو ته چين مضبوط ڀاءُ، اسٽريٽجڪ پارٽنر ۽ قابل اعتماد دوست جي حيثيت سان پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي سڀ کان وڌيڪ ترجيح ڏي ٿو. هن چين ۽ پاڪستان جي ٻطرفي دوست کي تعاون ۽ حصيداري جي نئين سطحن تائين وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. علائقائي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ڪردار کي ساراهيندي جنرل لي ٻنهي هٿياربند فوج جي صلاحيتن کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان سان پنهنجي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پيپلز لبريشن آرمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين پاڪ چين دوست جي مختلف رخن خاص طور تي ٻطرفي دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ وڌائڻ تي ??تفاق ڪيو.