اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڱاري ڏينهن ته??ان جو دورو ڪيو ۽ اي??ان جي نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان جي حلف برداري واري تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته نائب وزيراعظم ته??ان جي دوري دو??ان اي??ان جي نئين صدر کي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پا??ان عهدو ??نڀ??لڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. ترجمان چيو ته محمد اسحاق ڊار اي??ان جي نئين سياسي انتظاميا کي اقتدار جي ڪامياب منتقلي تي ايراني قوم کي مبارڪباد ڏني. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم نئين ايراني انتظاميا ۽ اسلامي جمهوريه اي??ان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جي حمايت ۽ يڪجهتي جو پڻ اظهار ڪيو. ترجمان چيو ته ڊاڪٽر پيز شڪيان مبارڪباد واري پيغام کي ساراهيندي چيو ته پاڙيسري ملڪ هجڻ جي حيثيت سان اي??ان پاڪستان سان سٺي لاڳاپن جي لاءِ پرعزم آهي.