اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري وزارت جي سينيئر آفيسر، پرنسپل انفارميشن آفيسر/ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل پي آءِ ڊي اس??ام آباد مبشر حسن جي والد غلام صابر مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ پي آءِ ڊي ميڊيا سينٽر ۾ دعائيه تقريب منعقد ٿي. تقريب ۾ اطلاعات واري وزارت جي مختلف کاتن سان تعلق رکندڙ سينيئر آفيسرن، عملي جي ميمبرن، صحافين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن مرحوم جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ??ميل جي دعا ڪئي. واضح رهي ته پي آءِ او مبشر حسن جو والد غلام صابر مرحوم ڇ??ڇر ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو هو.