اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي جي دعوت تي اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جو عهدو ڇڏيندڙ سيڪريٽري ??نر?? خسرو نوزيري پاڪستان جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره ب??وچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته اقتصادي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري ??نر?? وزيراعظم، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ واپار واري وزير سان ملاق??تن ۾ پنهنجي دور ۾ ک??يل قدمن ۽ سرگرمين سان گڏوگڏ تنظيم جي بحالي جي لاءِ پنهنجي سڌاراجاتي ايجنڊا بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. سيڪريٽري ??نر?? نوزيري 24 کان 26 جولاءِ تائين پنهنجي پاڪستان جي الوداعي دوري تي آهي، هو ايندڙ مهيني پنهنجو مدو پورو ڪري رهيو آهي. ترجمان چيو ته ايندڙ مهيني کان پاڪستان جو اڳوڻو پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ٽن سالن جي مدي لاءِ اي سي او جي سيڪريٽري ??نر?? جو عهدو سنڀاليندو، سندس مقرري جي وزيرن واري ڪائونسل منظوري ڏني آهي ۽ ان جو نوٽيفڪيشن هن سال مئي ۾ جاري ڪيو ويو هو.