اسلام آباد -06 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جي 52هين اجلاس جي ايجنڊا طئي ٿي وئ?? آهي. جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظ?? طرفان جوڙيل ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب، اقتصادي م??املن واري وزير احد خان چيمه، قانون ۽ انصاف واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ وزيراعظم جي م??ير راڻا ثناءُ الله خان شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف وزارتن، پاور، پلاننگ، ڊ??لپمينٽ ۽ خصوصي قدمن، ناڻي، آبي وسيلن، پيٽروليم، انساني حقن، مذهبي م??املن، بين المذاهب هم آهنگي، سمنڊ پار پاڪستانين ۽ ايڇ آر ڊي ڊويزن جا وفاقي سيڪريٽري به موجود هئا. اجلاس ۾ ايجنڊا جي ڄاڻايل آئٽمز تي غور ويچار ڪيو ويو جڏهن ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ايندڙ 52هين اجلاس جي ايجنڊا به طئي ڪئي وئي.