اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ توانائي بابت ڪا??ينا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ريفائنري پاليسي 2023ع جي مُدي ۾ 6 مهينن جي واڌ، نجي شعبي جي ننڍي پاڻي منصوبن جي ??اء?? اسٽينڊرڊ رائيزڊ سيڪيورٽي ڊاڪيومينٽ، گلگت بلتستان ۾ بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي ??اء?? ڪميٽي، بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي صلاحيت وڌائڻ، بجلي چوري جي روڪٿام ۽ بلن جي وقت سر وصولي جي ??اء?? ڊسڪوز سپورٽ يونٽ قائم ڪرڻ ۽ ختم ٿيل مُدي وارن بلن جي وصولي جي ??اء?? ترغيبي پئڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ توانائي بابت ڪا??ينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن احد خان چيما، محمد اورنگزيب، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، احسن اقبال، سردار اويس خان لغاري، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جي ??وآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، نيپرا چيئرمين وسيم مختار، اوگرا چيئرمين مسرور خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ پيٽروليم ريفائنريز جي شعبي جي ترقي ۽ ان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۾ اضافي جي ??اء?? وڏو قدم کنيو آهي. وزيراعظم جي سربراهي ۾ ڪميٽي موجوده ريفائنريز جي اپ گريڊيشن جي حوالي سان ريفائنري پاليسي 2023ع جي مُدي ۾ 6 مهينن جي واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪميٽي پيٽروليم واري وزارت کي هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ قائم آئل ريفائنريز کي اعتماد ۾ وٺي انهن جي ترجيحي بنيادن تي اپ گريڊيشن جي ??اء?? ٺوس حڪمت عملي جوڙي. ڪميٽي کي بجلي جي شعبي جي جو??اء?? 2023ع کان مئي 2024ع جي ??ردشي قرضن جي تفصيلي رپورٽ پڻ پيش ڪئي وئي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته مئي 2024ع تائين بجلي جي شعبي جي ??ردشي قرضن جو ڪا??و 2655 ارب رپيا رهيو. ڪا??ينا ڪميٽي نجي شعبي جي ننڍي پاڻي منصوبن جي ??اء?? پاور پاليسي 2015ع تحت اسٽينڊرڊ رائيزڊ سيڪيورٽي پئڪيج ڊاڪيومينٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان قدم جو مقصد بجلي جي شعبي ۾ نجي سيڙپڪاري جو فروغ ۽ ٽيرف ۽ ٻين معاملن کي جلد اڪلائڻ آهي. وزيراعظم گلگت بلتستان جي عوام جي بجلي جي فراهمي جي حوالي سان شڪايتن جي ازالي جو فيصلو ڪندي گلگت بلتستان ۾ بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي حڪمت عملي جي ??اء?? هڪ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي صلاحيت وڌائڻ، بجلي چوري جي روڪٿام ۽ بلن جي وقت سر وصولي جي ??اء?? ڪميٽي ڊسڪوز سپورٽ يونٽ قائم ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. ڊسڪوز سپورٽ يونٽ جو مُدو وفاقي ڪا??ينا کان منظوري کان وٺي ٻن سالن تائين جو هوندو. ڊسڪوز سپورٽ يونٽ جي شروعات ملتان اليڪٽرانڪ پاور ڪمپني (ميپڪو) کان ڪئي ويندي. ڪميٽي بجلي جي غير ادا ٿيل ۽ ختم عيل مُدي وارن بلن جي وصولي جي ??اء?? ترغيبي پئڪيج جي پڻ منظوري ڏني. ان پئڪيج تحت بجلي جي غير ادا ٿيل ۽ ختم ٿيل مُدي وارن بلن جي وصولي تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڊسڪوز جي اهلڪارن کي انعام سان نوازيو ويندو.