دوشنبي – 03 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ تاجڪستان پارلياماني فرينڊشپ گروپ ۽ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا وڌائڻ تي اتف??ق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تاجڪستان جي مجلس اوليٰ (تاجڪ پارليامينٽ) جي مجلس جي ??ما??نده (ايوان) جي چيئرمين محمد طاهر ذاڪر زاده سان ملاقات ۾ ڪيو ويو. ملاقات دوران ٻ??هي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني سطح تي تعاون جي حوالي سان اطمينان جو اظهار ڪندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ اڳ کان قائم پارلياماني فرينڊشپ گروپس ۽ باقاعده پارلياماني مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ تي اتف??ق ڪيو. ملاقات ۾ وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پارليامينٽ جا ميمبر ٻ??هي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ٻ??هي اڳواڻن پاڪستان ۽ تاجڪستان جي پارليامينٽ جي ميمبرن جي مسلسل ڳالهه ٻو??هه ۽ رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم جمهوريه تاجڪستان جي آئين جي 30 هين سالگرهه تي چيئرمين کي مبارڪباد پڻ ڏني. ياد رهي ته وزيراعظم تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان جي دعوت تي تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري تي تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي ۾ آهي.