راولپنڊي -03 جولاءِ (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون دور??ن 03 ڪاررواين ۾ 06 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري 5 ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي. اي اين ايف هيڊ ڪوارٽر راولپنڊي مان جاري تفصيلن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران منشيات جي خاتمي بابت ڪارروائي دوران 6 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري 5 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. پهرين ڪارروائي ڄامشورو بس اڏي ويجهو جوابدار وٽ??ن 03 ڪلو گرام چرس هٿ ڪيو ويو. ٻي ڪارروائي ڪلفٽن ڪراچي ۾ ڪئي وئي جت??ن 03 جوابدارن کي گرفتار ڪري 02 ڪلوگرام چرس جڏهن ته ٽئين ڪارروائي م??نو??لا اسٽاپ لاهور جي ويجهو ??ئي وئي جتي هڪ عورت وٽان هڪ ڪلو هيروئن هٿ ڪئي وئي. گرفتار جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو يوي آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.