اسلام آباد – 25 – جون (اي پي پي) ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته سينيٽ جون سفارشون آئيني ذميواري آهي، قابل عمل سفارشن کي سدائين بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي حوالي سان سينيٽ جي سفارشن تي بحث ۾ حصو وٺندي ڊپٽي وزيراعظم چيو ته سينيٽ جون سفارشون آئيني ذميواري آهي، حڪومت جي ذميواري آهي ته بجيٽ سينيٽ ۾ پيش ٿئي. سيد نويد قمر سچ چئي رهيو آهي ته قومي اسيمبلي بجيٽ منظور ڪندي آهي ۽ اهو اختيار اسيمبلي وٽ آهن جڏهن ته آئيني طور تي لازمي آهي ته سينيٽ سفارشون جوڙي 14 ڏينهن ۾ پيش ڪندو. هن چيو ته سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي اهي سفارشون تيار ڪندي آهي جنهن ۾ سمورين پارٽين جي نمائندگي هوندي آهي ۽ ناڻي وارو وزير ۽ ناڻي واري وزارت جا اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هوندا آهن، سينيٽ ڪ??يٽي جي سربراهي مانڊوي والا ڪري رهيو آهي جنهن جو ??علق پيپلزپارٽي سان آهي، اسان کي پ??رل??امينٽ جي ٻنهي هائوسز جو ??حترام آهي. هن چيو ته سينيٽ آئين جي تابعداري ڪندي سفارشون پيش ڪيون آهن، جيڪي سفارشون قابل عمل آهن انهن کي بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويندو آهي، مون پاڻ 2013ع ۽ 2018ع جي وچ ۾ ان طريقيڪار تي عمل ڪيو آهي ۽ انهي جذبي تحت هن ڀيري به سينيٽ جي سفارشن تي غور ڪيو ويندو، ناڻي واري وزارت جو ????و ڪم آهي ته جيڪي شيون قابل عمل آهن اهي بجيٽ ۾ شامل ڪيون وڃن. ان کان اڳ سينيٽ سفارشن تي بحث جي شروعات ڪندي پاڪستان پيپلزپارٽي جي ميمبر سيد نويد قمر چيو ته بجيٽ جي منظوري آئين تحت قومي اسيمبلي جو ??ختيار آهي، سينيٽ جون سفارشون سٺي ڳالهه آهي پر اهي قومي اسيمبلي جي اختيارن جي قيمت تي نه هجڻ گهرجن. هن چيو ته سينيٽ سفارشن تي بحث ان ئي وقت بامعنيٰ ٿي سگهي ٿو جڏهن اسان کي ايتري ڊگهي دستاويز پڙهڻ جي لاءِ هڪ ڏينهن جو موقعو ڏنو وڃي.