اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اڄ اسان فخر سان پاڪستان جي قومي جانور مارخور جو پهريون عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، مارخور هڪ عظيم الشان جانور تصور ڪيو وڃي ٿو جيڪو اسان جي ڀرپور قدرتي ورثي جي علامت آهي. پاڪستان جي قومي جانور مارخور جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ هن چيو ته مارخور پنهنجي منفرد ڪارڪ اسڪرو جي شڪل جي سِڱن سان حياتياتي تنوع جي تحفظ ۽ م??حو??ياتي توازن کي برقرار رکڻ جي لاءِ اسان جي عزم جي نمائندگي ڪري ٿو. شهباز شريف چيو ته 2 مئي 2024ع تي گڏيل قو??ن جي جنرل اسيمبلي جي اعلان موجب هي ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هن ڏينهن کي عالمي سطح تي ملهائڻ جو فيصلو جهنگلي جيوت جي تحفظ ۾ اسان جي قوم جي ڪوششن ۽ ڪاميابين جو اعتراف آهي. وزيراعظم چيو ته گذريل هڪ ڏهاڪي دوران مارخور جي آبادي ۾ نمايان اضافو قدرتي م??حو?? جي تحفظ جي لاءِ پاڪستان جي لگن جو واضح ثبوت آهي، مارخور جي تحفظ جي پروگرامن ۾ مقامي ڪميونٽيز جي تعاون ۽ سائنسي تحقيق جو اهم ڪردار آهي. شهباز شريف چيو ته پاڪستان جهنگلي جيوت ۽ نباتات جي خطري ۾ ورتل ان??اع ۾ عالمي واپار جي ڪنوينشن جي پرعزم صحيحون ڪندڙ طور عالمي واپار جي ڪنوينشن ڪيٽيگري – 1 ۾ هڪ نمايان درجو رکي ٿو، ان حوالي سان ڪيل خصوصي قانونسازي، پاڪستان ٽريڊ ڪنٽرول آف وائلڊ فائونا اينڊ فلورا ايڪٽ 2012ع، ذميواراڻي واپاري طريقن ۽ خطري ۾ ورتل ان??اع جي ڀلائي جي لاءِ اسان جي وابستگي کي واضح ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته مارخور جي هن عالمي ڏينهن تي آئون سمورن پاڪستانين ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪريان ٿو ته اهي م??حو??ياتي تحفظ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪن. وزيراعظم چيو ته اچو نه رڳو مارخور پر ان??ن سمورن ان??اع جي تحفظ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪريون جيڪي اسان جي زمين جي حياتياتي تنوع کي سگهه بخشين ٿا. اچو اسان ايندڙ نسلن جي لاءِ هڪ پائيدار ۽ محفوظ مستقبل يقيني بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون.