بيجنگ – 16 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيني سيڙپڪاري ۽ پرائيويٽ انٽرپرائيزز تي زور ڏنو آهي ته اهي پاڪستان جي ڪاروبار دوست پاليسين، چٽاڀيٽي واري افرادي قوت ۽ ترجيحي منديءَ تائين پهچ مان فائدو کڻن. اهڙن خيالن جو اظهار هن بيجنگ ۾ چين جي ??ال??واري ڪاروباري ا??ار??، چيمبرز آف ڪامرس ۽ اي??وس??ئيشنز جي قيادت کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏن?? ته پاڪستان ۾ چيني ڪمپنين جي سيڙپڪاري ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ معاونت ڪندي فتح جي تعاون جو مثال آهي. هن چي?? ته سي پيڪ جي پهرين مرحلي ۾ توانائي ۽ ٽرانسپورٽ جي انفراسٽرڪچر جي ترقي ۾ چيني ڪمپنين جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. نائب وزيراعظم سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ بزنس ٽو بزنس رابطن کي ترجيح جي طور تي اجاگر ڪيو ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جو هڪ جامع جائزو پڻ پيش ڪيو. هن خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) قائم ڪرڻ تي خصوصي زور ڏنو ۽ چي?? ته ايس آءِ ايف سي عالمي سيڙپڪارن کي هڪ جامع ۽ مڪمل حڪومتي موقف جي ذريعي ”ون ونڊو“ سهولت فراهم ڪري ٿي. چيني ڪاروباري ادا??ن جي قيادت پاڪستان حڪومت پاران عالمي سيڙپڪارن، ڪيترن ئي شرڪت ڪندڙن کي پيش ڪيل مراعتن کي ساراهيو. چيني ڪاروباري ا??ار?? پاڪستان ۾ نئين ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ چي?? ته ان جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن جي ترقي ۽ توسيع ۾ ڪردار ادا ڪرڻ آهي.