اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) بچاءَ ۽ـ دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آه?? ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آرمي چيف جي مقرري کي تڪراري بڻايو ويو جڏه?? ان ۾ ناڪام ٿيا ته باقاعدي پروگرام بڻائي 9 مئي جو واقعو ڪيو ويو، ان جي سازش جون ڪڙيون 2014ع تائين وڃي رهيون آه??. 9 مئي پاڪستان جي 25 ڪروڙ عوام جي انا جو مسئلو آه??. هو سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. هن جو چوڻ هو ته اسان جي 75 سالن جي تاريخ ۾ ڪيترائي دلخراش واقعا ٿيا پر اسا?? ان تي نه خود احتسابي ڪئي نه ڪنهن کي ذميدار قرار ڏنو. 9 مئي جي واقعي جو احتساب ٿيڻ گه??جي ۽ قوم کي خبر پوڻ گه??جي ته ان جا اسپانسر ڪير هئا، ڪهڙن ماڻه?? ان تي عملدرآمد ڪرايو ۽ انهن جا مقصد ڇا هئا. اسٽيبلشمينٽ سان اختلاف ٿي سگهن ٿا، اسان به ڪيا آه??، ميڊيا به، پر ان ڳالهه تي ڪوبه سمجهوتو ناهي ته اهي اسان جي شهيدن جي يادگارن جن اسان جي ملڪ لاءِ قربانيون ڏنيون. هن چيو ته جيڪا سازش تيار ٿي جنهن جو هدف نواز شريف هو ته ان سازش جي ناڪاميءَ کانپوءِ ملڪ اذيت مان گذريو. ڪرپشن جو سيلاب آيو ۽ جڏهن عدم اعتماد کانپوءِ نئين حڪومت بڻي ته ان جي ڪوشش هئي ته نئون آرمي چيف ان جي مرضيءَ جو لڳي. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آرمي چيف جي مقرريءَ کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. 9 مئي جي واقعي جي منصوبا بندي ڪئي وئي ۽ ان اداري جي تڪريم تي سمجهوتو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ٺيڪ چيو هو ته ان جي جاچ 2014ع تائين وڃڻ گهرجي. ڪئپٽن ڪرنل شير خان جو ته ڪنهن سان ڪو جهيڙو ناهي پر ان جي مجسمي تي ڏنڊا وهائيندڙ ڪير هئا؟ هن چيو ته هي فالس فليگ آپريشن هو، هي سمورا ماڻهو ڄاتل سڃاتل هئا، عمران خان جون ڀيڻيون به ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ موجود هيون، ڪنهن مون کي چيو ته 9 مئي کي انا جو مسئلو بڻايو آه??، هي 25 ڪروڙ عوام جي انا جو مسئلو آه??، ان کان پوءِ هڪ بيانيو تخليق ڪيو ويو جيڪو ايپسوليوٽلي ناٽ يعني غلام نامنظور هو پر پوءِ آمريڪي سفير ان سان وڃي ملي رهيا آه??. هن چيو ته هاڻ هي ماڻهو منٿن تي اچي ويا آه??، ڪِرائي تي ماڻهو وٺي کين ايپسوليوٽلي ناٽ وارن جون منٿون ڪيون پيون وڃن. ايوان ۾ وڃي هنگاما ڪيا پيا وڃن، 9 مئي سادو احتجاج نه هو، سڀ ان ڪردار کي ڄاڻين ٿا. ان جماعت جا ڪجهه ڏينهن کان بيان آيا آه?? ته اسان ڪنهن سياسي قوت سان نه ڳالهائينداسين، ان جي ڀيڻ بيان ڏنو ته اسان تي زيادتيون ٿيون ته خبر پئي ته پهرين به زيادتيون ٿيون. ه?? ان جي معذرت به ڪئي، گڏوگڏ هن چيو ته اسان سڀني کي گڏجي انصاف جي سسٽم جي حوالي سان متفق ٿيڻ گه??جي پر ان جو ڀاءُ اندران الڳ بيان ڏئي ٿو، ان جا 6-7 ميمبر الڳ بيان ڏين ٿا. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جي آفر اسان کي ڪرڻي آه?? پر اڃا اهي وڙهي رهيا آه??، سڀ پنهنجي گهر ۾ پي اي سي جا چيئرمين بڻيا ويٺا آه??. بچاءَ واري وزير چيو ته جڏهن 2006ع ۾ چارٽر آف ڊيموڪريسي تي صحيحون ٿيون ته فيصلو ٿيو ته پي اي سي جي چيئرمين شپ اپوزيشن کي ڏني وڃي، هي رانا تنوير کي 7 سال نه ملي پر سمورا ماڻهو ماضي ڀلجي ويا آه??. پي ٽي آءِ جا مُک اڳواڻ ڪٿي آه??؟ اهي ڇو نٿا ڳالهائين؟ اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر ڀلجي ويو آه?? ته بي اعتمادي جي رات ڇا ٿيو هو؟ جيڪڏهن اوهان بي انصافي تي پارلياماني زندگي گذاري آه?? ته اوها?? ان پارلياماني فلور تي بيهي قانون مطابق انصاف نٿا گُهري سگهو. ان جو چار ساله رڪارڊ کڻي ڏسو ته هن ملڪ جي بهتريءَ لاءِ ڇا ڪم ڪيو آه??. 10 سال هي ڪي پي ڪي ۾ حڪومت ۾ رهيا ۽ اڄ ان جو چيف منسٽر بجلي چوري ڪرڻ جو اعتراف ڪري ٿو. خواجه آصف چيو ته هي آمريڪا کي منٿون ڪري رهيا آه?? ٿورو ئي 6 جنوريءَ واري ٽرمپ جي حامين جي حملن جي ڪيسن جا ٽرائل ۽ـ سزائون ڏسي وٺن. هن خصوصي قانونسازي ڪئي ۽ ان تي سزائون ڏنيون ته 9 مئي جي واقعي کي ائين نٿو ڀُلائي سگهجي. هي ماڻهو چون ٿا ته خان نه ته پاڪستان نه، خواجه آصف چيو ته پاڪستان جو وجود ڪنهن شخص جي ڪري نه آه??، ان جي وجود لاءِ لکين ماڻهن قربانيون ڏنيون آه??. هن چيو ته پاڪستان جي ضمانت ڪنهن هڪ فرد نه ڏني آه?? ان جي بقا جي ضمانت انهن ڏني آه?? ج?? ان لاءِ قربانيون ڏنيون. الله ان وجودن جو ڀرم رکي. اڄ اهي چون ٿا ته جيڪي اندر گهڙيا اهي ٻيا ماڻهو هئا اسان ته صرف احتجاج ڪري رهيا هئاسين. اوهان کي احتجاج ڪرڻو هو ته پارليامينٽ سامهون ڪريو ها. جي ايڇ ڪيو، ڪور ڪمانڊر هائوس، آءِ ايس آءِ جي آفيس جي چونڊ ڇو ڪئي وئي، اهي ڪير ماڻهو هئا؟ هن چيو ته موجوده آرمي چيف جي مقرري روڪڻ جي سازش ڪئي وئي، سوديبازي ڪئي وئي پر جڏهن اهو نه ٿي سگهيو ته 9 مئي جو واقعو ڪيو ويو. هاڻ اهي ان نعرن کا?? انڪار ڪري رهيا آه??، هر ملڪ جي ريڊ لائن هوندي آه?? جيڪڏه?? ان کي ڪراس ڪيو وڃي ته سڀ حرڪت ۾ اچي وڃن ٿا. 9 مئي تي پاڪستان جي شهيدن جي ريڊ لائن پار ڪئي وئي هئي.