اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران واپار ۽ مواصلاتي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق و??ير??عظم هائوس ۾ و??ير??عظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٿيو. و??ير??عظم هائوس اچڻ تي و??ير??عظم شهباز شريف ايراني صدر جي آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. و??ير??عظم ملاقات ۾ چيو ته عام چونڊن کانپوءِ توهان پهريان ملڪي سربراهه آهيو جيڪو پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي، مون سميت سڄي پاڪستاني قوم توهان جي ان دوري جي آجيان ڪري ٿي. ايراني صدر شاندار استقبال تي و??ير??عظم جا ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن ايران پاڪستان ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ، مختلف شعبن ۾ تعاون، واپار ۽ مواصلاتي رابطا وڌائڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ٻنهي ملڪن پار??ن گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪيو.