اسلام آباد – 23 – فيبر??ري (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني کي ??يليفون ڪئي ۽ ايران جي قيادت ۽ عوام ??اران نگران حڪومت کي ??اڪستان جي 2024ع جي پارلياماني چونڊن جي ڪام??اب انعقاد تي مبارڪباد ڏني. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ايران جي ڀائر عوام ??اران نيڪ خواهشن کي ساراهيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ايران جي حڪومتن سان گڏوگڏ عوام جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي ??ڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هلندڙ مهيني جي شروع ۾ ايراني پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي د??ري کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سرڪاري مصروفيتون مڪمل طور تي بحال آهن.