اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) ڊاڪٽر طارق محمود خان چيو آهي ته انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جي انقلاب دنيا کي ??ڪمل طور تي تبديل ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ گلوبلائيزيشن کان ڊيجيٽلائيزيشن طرف منتقلي ٿي آهي، ان ڏس ۾ سياسي پارٽين کي به معاشري جي بهتري ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ نئين دور جي گهرجن سان هم آهنگ ٿي جديد ذريعن کي ??ثبت انداز ۾ استعمال ۾ آڻڻ گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ ”راءِ ڏيندڙ پاڪستانين جو بدلجندڙ منظرنامو ۽ منصفاڻي نمائندگي کي ??قيني بڻائڻ ۾ سياسي پارٽين جو ڪردار“ جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪي??. هن سيمينار جي شرڪت ڪندڙن پاران چونڊ عمل کي بهتر بڻائڻ ۽ منصفاڻي نمائندگي جي حوالي سان پيش ڪي?? مختلف تجويزن کي ساراهيو. هن چيو ته هن وقت آءِ ٽي تي ٻڌل وڏين ڪمپنين جي دنيا تي حڪمراني آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ سياسي پارٽيون بدلجندڙ عالمي منظرنامي جي ڄاڻ رکن ٿيون تنهن هوندي به بدلجندڙ گهرجن سان هم آهنگي ضروري آهي. هن مشورو ڏنو ته عوام جي بهتر نمائندگي ۽ خدمت جي لاءِ سياسي پارٽين کي بدلجندڙ دنيا موجب پاڻ کي تبديل ڪرڻ گهرجي. هن سيمينار ۽ مباحثي جي ڪامياب انعقاد تي پي آءِ ڊي جي منتظمين کي ??ڻ ساراهيو. حارث خليق ۽ طيبه نثار مباحثي جي اسٽيج سيڪريٽري جا فرض سرانجام ڏنا. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) 2024ع جي عام چونڊن کان اڳ عوام ۾ ووٽ جي اهميت، چونڊ نظام ۽ چونڊيل نمائندن جي ڪردار سميت چونڊ عمل جي حوالي سان آگاهي مهم جي ذريعي وسيع تر عوامي سمجهه بوجهه کي ??روغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي ته جيئن عوام پن??نجي قومي ذميواري خوش اسلوبي سان سرانجام ڏيڻ جي ذريعي هڪ مستحڪم جمهوري نظام جي فروغ ۾ پن??نجي فعال شرڪت کي ??قيني بڻائي سگهي. ان سلسلي ۾ سيمينارز جو هڪ سلسلو شروع ڪي?? ويو آهي ته جيئن 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن ۾ ووٽرن جي فعال شرڪت کي ??قيني بڻائي سگهجي. انهن سيمينارز ۾ مرڪزي ڌارا جي سياسي پارٽين، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، ميڊيا، دانشورن، سول سوسائٽي ۽ عوامي نمائندن کي گهرايو پيو وڃي. اهي سيمينارز شهرين کي ??وٽ وجهڻ جي اهميت، چونڊ نظام ۽ چونڊيل نمائندن جي ڪردار کان آگاهه ڪرڻ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪندا. پي آءِ ڊي پاران منعقد ٿيندڙ سيمينارز عوامي آگاهي کي ??روغ ڏئي عوام کي ??يصلاسازي جي لاءِ بااختيار بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا جيڪي آخرڪار وڌيڪ مضبوط ۽ جوابده جمهوري نظام ۾ حصو وٺندا. ان حوالي سان 11 جنوري تي پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ مقامي هوٽل ۾ پاڪستان جي 2024ع جون عام چونڊون: سياسي پارٽين جي اقتصادي ايجنڊا جي موضوع تي پهرين سيمينار جو اهتمام ڪي?? ويو هو.