اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان کي غيرملڪي سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي لاءِ پرڪشش ملڪ قرار ڏيندي چيو آه?? ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا بي پناهه موقعا موجود آه??. هو جرمني جي عالمي فوڊ هول سيلر، ميٽرو گروپ جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ڪميٽي جو سي اي او ڊاڪٽر اسٽيفن گروبل ۽ جرمني جو پاڪستان ۾ سفير پڻ ملاقات ۾ موجود هو. و??د صدر کي پاڪستان ۾ ميٽرو گروپ جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري تي بر??فنگ ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آه??. وفد ٻڌايو ته ميٽرو ڪمپني ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهشمند آه??، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري سرگرمين جي لاءِ سازگار ماحول آه??، پاڪستان ڪاروبار، سيڙپڪاري ۽ سياحت جي لاءِ هڪ پرڪشش جڳهه آه??. صدر پاڪستان ۾ ميٽرو گروپ جي سيڙپڪاري کي ساراهيو.