اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊيره اسماعيل خان جي علائقي درابن جي پوليس اسٽيشن تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب نگران ??زيراعظم دهشتگرد حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ س??دس گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. نگران ??زيراعظم حملي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙن کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. نگران ??زيراعظم چيو ته اهڙين بزدلاڻي ڪاررواين سان سيڪيورٽي فورسز جا حوصلا ڪمزور نٿ?? ڪري سگهجن. سڄي قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ جانيون قربان ڪندڙ شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي.