اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 39 هين سا??ڪ چارٽر ڊي تي سا??ڪ جي ميمب?? ملڪن ۽ ڏکڻ ايشيا جي ماڻهن کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته 8 ڊسمبر 1985ع اهو ڏينهن آهي جڏهن ويزن ۽ دورانديشي رک??دڙ اڳواڻن سا??ڪ چارٽر کي اختيار ڪيو ۽ ڏکڻ ايشيا جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو وچن ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب سا??ڪ چارٽر ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ نگران وزيراعظم چيو ته هي ڏينهن اسان کي ان ذميواري جي ياد ڏياري ٿو جيڪا اسان جي ماڻهن غربت، ناخواندگي، بيماري ۽ گهٽ ترقي جهڙن گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان جي ڪلهن تي وڌي آهي. هن چيو ته بنا ڪنهن شڪ جي سا??ڪ ۾ ڏکڻ ايشيائي خطي ۾ ره??دڙ ٻه ارب کان وڌيڪ ماڻهن جي زندگين کي بدلائڻ جي لاءِ هڪ ٺوس فريم ورڪ فراهم ڪرڻ جي بي پناهه صلاحيت آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان سا??ڪ جي هڪ باني ميمب?? ملڪ طور تنظيم ج?? مقصدن جي لاءِ مسلسل پنهنجي وابستگي ظاهر ڪري ٿو ۽ هن سا??ڪ جي عمل ۽ سرگرمين ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو آهي. هن چيو ته پاڪستان قومي ۽ علائقائي ترقي جي لاءِ علائقائي تعاون جي طاقت ۽ صلاحيت تي پختو يقين رکي ٿو. نگران وزيراعظم چيو ته سا??ڪ جي چارٽر موجب نتيجي تي ٻڌل علائقائي تعاون رڳو خودمختيار برابري ۽ گڏيل احترام ج?? بنيادي اصولن تي عمل پيرا ٿي حاصل ڪري سگهجي ٿي. هن سا??ڪ جي عمل ۾ پاڪستان جي عزم ج?? ورجاءُ ڪندي چيو ته مون کي يقين آهي ته تنظيم جا هموار ڪم ج?? راهه ۾ اي??دڙ موجوده رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو، اهڙي طرح سا??ڪ جا ميمب?? ملڪ گڏيل طور تي فائديمند علائقائي تعاون جي راهه تي اڳتي وڌڻ جي قابل ٿي ويندا. نگران وزيراعظم تنظيم ج?? هموار ڪم ج?? لاءِ سا??ڪ سيڪريٽريٽ پاران ڪيل ڪوششن کي سا??اهيندي چيو ته آئون ڏکڻ ايشيا جي ماڻهن جي لاءِ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي خواهش ڪريان ٿو. هن چيو ته اچو اسان ڏکڻ ايشيا ۽ باقي دنيا جي فائدي لاءِ پنهنجي خطي جي حقيقي صلاحيتن جو ادراڪ ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪريون.