اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته ان??ٽي??يوٽ آف ا??ٽر??ٽجڪ اسٽڊيز جو ڳاڻيٽو دنيا جي بهترين ٿنڪ ٽينڪس ۾ ٿئي ??و، هي ان??ٽي??يوٽ وزارتن جي لاءِ تحقيق ۾ معاونت جي ذميواري پڻ ادا ڪري رهيو آهي. سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر محسن عزيز، سينيٽر زرقه سهروردي ۽ ٻين سينيٽرز جي سوالن جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته ان??ٽي??يوٽ آف ا??ٽر??ٽجڪ اسٽڊيز اسان جي ٿنڪ ٽينڪ آهي، ڊائريڪٽر جنرل ان جو سربراهه آهي، ان جا مختلف سينٽرز ٺاهيا ويا آهن، ان ج?? سينٽرز ۾ ايشيا پيسفڪ ۽ چائنا سينٽرز آهن، هي نه رڳو سيمينارز منعقد ڪرائي ??و جن جي ذريعي اسڪالرز ۽ عالمي ماهرن جو هڪ ٻئي سان رابطو رهي ٿو، دنيا جي ٿنڪ ٽينڪس سان پڻ ان جا رابطا آهن ۽ هي اسان جي وزارتن جي لاءِ پڻ ريسرچ ۾ معاونت ڪري ٿو. هن چيو ته دنيا ۾ هزارين ٿنڪ ٽينڪس آهن جن ۾ پاڪستان جي ان??ٽي??يوٽ آف ا??ٽر??ٽجڪ اسٽڊيز جو نمبر 80 هون آهي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته ان??ٽي??يوٽ آف ا??ٽر??ٽجڪ اسٽڊيز کي هدايت آهي ته هو پارليامينٽ ميمبرن کي پڻ پنهنج?? سيمينارز ۾ گهرائي باقي ٿنڪ ٽينڪس کي پڻ ان حوالي سان هدايت ڪئي ??يندي.