اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي آرٽس، سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي اردو يونيورسٽي جي سمورن ڌرين ۽ سينيٽ ميمبرن تي زور ڏنو آهي ته اهي يونيورسٽي جي نمايان پوزيشن بحال ڪرڻ جي لاءِ ان جي معاملن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صد?? ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي جي سينيٽ جي 49 هين خصوصي اجلاس جي صد??رت ڪندي ڪيو. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزارت جي سيڪريٽري، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ ٻين سينيٽ ميمبرن شرڪت ڪئي. صد?? ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪ??و ته يونيورسٽي جي سينيٽ جا اجلاس باقاعدگي سان نه ٿي رهيا آهن. هن يونيورسٽي جي سمورين ڌرين ۽ سينيٽ ميمبرن تي زور ڏنو ته اهي يونيورسٽي جي نمايان پوزيشن بحال ڪرڻ جي لاءِ معاملا بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪن. صد?? وقت سر فيصلا ڪرڻ جي لاءِ اهم عهدن تي مقررين جي ضرورت تي زور ڏنو. يونيورسٽي جي سينيٽ پروفيسر ڊاڪٽر روبينه مشتاق جي بطور وقتي وائيس چانسلر وفاقي اردو يونيورسٽي مق??ري جي منظوري ڏني. ان موقعي تي وفاقي اردو يونيورسٽي جي باقاعده وائيس چانسلر جي مق??ري جي لاءِ سرچ ڪميٽي جوڙڻ تي پڻ غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ وائيس چانسلر جي مق??ري جو عمل 60 ڏينهن ۾ مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي اردو يونيورسٽي جي سينيٽ وفاقي اردو يونيورسٽي آرڊيننس جي شقن جي ڏس ۾ انجمن ترقي اردو پاڪستان جي صد?? جي سينيٽ ميمبر طور خدمتون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. جڏهن ته اجلاس ۾ ايڇ اي سي جي فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ ۾ بي ??ابطگين جي الزامن جي جاچ جي لاءِ انڪوائري ڪميٽي ٺاهڻ ۽ ڪميٽي جون سفارسون سينيٽ کي پيش ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.