سرينگر – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن چيو آهي ته ڀارت 1947ع کان ڪش??يرين جي نسل ڪش?? ڪري رهيو آهي جڏهن هن دوکيبازي ۽ طاقت جي زور تي ڄمون ۽ ڪش??ير تي غيرقانوني طور تي قبضو ڄمائي ورتو هو. ڪش??ير ميڊيا سروس موجب ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن مولوي بشير عرفاني، سيد بشير اندرابي، محمد ياسين عطائي، خواجه فردوس، ياسمين راجا، زمروده حبيب، فريده جي، جاويد احمد مير?? فياض حسين جعفري، سيد سبط شبير قمي، محمد شفيع لون، هلال احمد وار، مولانا مصيب ندوي، شفيق الرحمان، پير سيد تصدق، ايڊووڪيٽ ارشد اقبال ۽ محمد عاقب سرينگر ۾ جاري پنهنجي بيانن ۾ چيو ته ڀارت 27 آڪٽوبر 1947ع تي ورڇ ٿيل ننڍي کنڊ جي فارمولي جي کليل خلاف ورزي ڪندي ۽ ڪش??يرين جي خواهشن جي ابتڙ ڄمون ۽ ڪش??ير تي قبضو ڪيو جنهن کي ڪش??يرين ڪڏهن به قبول نه ڪيو ۽ اهي ان ناجائز قبضي جي خلاف تمام گهڻيون قربانيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪش??ير عالمي سطح تي مڃيل تڪراري خطرو آهي ۽ گڏيل قومن ڪش??يرين جي خودمختياري جي حق کي تسليم ڪيو آهي. هن چيو ته مودي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ والاريل علائقي ۾ ظلمن ۾ تيزي آندي آهي، هن ڪش??يرين جا سمورا بنيادي حق سلب ڪري رکيا آهن ۽ هو والاريل علائقي ۾ مسلمانن جي اڪ??ريت کي اقليت ۾ بدلائڻ جي ڪڌي پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڪش??يري 27 آڪٽوبر کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا ته جيئن دنيا تي واضح ڪري سگهجي ته اهي پنهنجي وطن تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي قبول نه ٿا ڪن ۽ جيستائين انهن جي خودمختياري جو حق نه ٿو ملي وڃي اهي پنهنجي پرامن جدوجهد جاري رکندا.