اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ غزه ۾ ??هر??ن جي خلاف وڌندڙ اس??ائيلي ڏاڍ ۽ جارحيت جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙي طرح جي مذمت جوڳي ڪاررواين کي ڪڏ??ن به معاف يا نظرانداز نٿو سگهجي، فلسطيني عوام جي قتل عام کي بند ڪرائڻ جي لاءِ دنيا کي هاڻي عملي قدم کڻڻ گهرجن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته گذريل ڏينهن جباليه ڪئمپ تي فضائي حملو غزه ۾ جاري اس??ائيلي ڏاڍ ۽ جنگي ڏوهن جو واضح مثال آهي جتي عورتن ۽ ٻارن سميت سوين ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. هن چيو ته اهڙي طرح جي مذمت جوڳي ڪاررواين کي ڪڏ??ن به معاف يا نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، ان قتل عام کي بند ڪرائڻ جي لاءِ دنيا کي هاڻي عمل ڪرڻ گهرجي.