اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان گل??ت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ گل??ت بلتستان جي گورنر نگران وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ ت?? مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ گل??ت بلتستان جي گورنر چيو ته بلوچستان مان نگران وزيراعظم جي چونڊ وفاق کي مضبوط ڪندي. وزيراعظم گل??ت بلتستان جي گورنر جو نيڪ خواهشن تي ٿورو ادا ڪيو. گل??ت بلتستان جي گورنر وزيراعظم کي گل??ت بلتستان جي دوري جي دعوت ۽ قانونساز اسيمبلي ۾ خطاب جي دعوت ڏني. گل??ت بلتستان جي گورنر وزيراعظم کي گل??ت ۾ جاري ترقياتي منصوبن بشمول انفراسٽرڪچر جي منصوبن ۽ قراقرم يونيورسٽي تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ۽ کيس افتتا?? جي دعوت پڻ ڏني.