اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حمزه خان آسٽريليا ۾ ڏهاڪن کانپوءِ پا??ستان جي لاءِ اسڪوائش جو جونيئر عالمي ٽائيٽل کٽي پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ??ڏي??، تازو ئي راندين جي فروغ لاءِ سڄي ملڪ ۾ اسپورٽس انيشي ايٽو جي شروعات ڪئي آهي جنهن ۾ پا??ستان جي پهرين اسپورٽس يونيورسٽي، پا??ستان اسپورٽس انڊومنٽ فنڊ ۽ راندين جي فروغ ۽ رانديگرن جي ترقي جا قدم شامل آهن. پنهنجي ٽ??ئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ پا??ستان جي باصلاحيت نوجوان حمزه خان سان ملاقات ٿي جنهن تازو ئي آسٽريليا ۾ ڏهاڪن کانپوءِ پا??ستان جي لاءِ اسڪوائش جو جونيئر عالمي ٽائيٽل کٽي پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ??ڏي??، پا??ستان ۾ راندين جي ناڪافي سهولتن جي باوجود نوجوان رانديگرن جي اهڙي بهترين ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي. مون پا??ستان حڪومت پاران حمزه کي هڪ ڪروڙ رپين جي ننڍڙي رقم انعام طور ڏني آهي ۽ ان کان واعدو ورتو آهي ته هو تمام جلد پنهنجي محنت ۽ لڳاءُ سان اهڙي طرح سينيئر عالمي چيمپيئن شپ کٽي پا??ستان جو نالو هڪ ڀيرو ٻيهر روشن ڪندو. مون تازو ئي راندين جي فروغ لاءِ سڄي ملڪ ۾ اسپورٽس انيشي ايٽو جي شروعات ڪئي آهي جنهن ۾ پا??ستان جي پهرين اسپورٽس يونيورسٽي، پا??ستان اسپورٽس انڊومنٽ فنڊ ۽ راندين جي فروغ ۽ رانديگرن جي ترقي جا قدم شامل آهن، مون کي پوري اميد آهي ته انهن قدمن کانپوءِ حمزه خان وانگر هزارين نوجوان عالمي مقابلن ۾ پا??ستان جو نالو روشن ڪندا.