اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چين جي صدر شي جن پنگ جي خصوصي نمائندي، چين جي نائب وزيراعظم ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي سينٽرل ڪميٽي جي پولٽ بيورو جي ميمبر ه?? لي فينگ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پ??ڪس??ان ۽ چين جي لاڳاپن جي ڪيترن ئي رخن، بشمول پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) ۽ ٻطرفي اقتصادي ۽ مالياتي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي نائب وزيراعظم ه?? لي فينگ جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي گرمجوشي سان استقبال ڪيو. وزيراعظم ه?? لي فينگ کي مارچ ۾ چين جي نائب وزيراعظم جي عهدي تي مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته چين پ??ڪس??ان ۾ 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ پ??ڪس??ان کي درپيش موجوده معاشي چئلينجز خاص طور تي آءِ اي?? اي?? سان معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جهڙن مشڪل وقتن ۾ پ??ڪس??ان سان گڏ بيٺل رهيو. چين جي نائب وزيراعظم ه?? لي فينگ پ??ڪس??ان ۽ چين جي اسٽريٽجڪ حصيداري ۽ دوستي ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل لاڳاپن کي اجاگر ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري ۾ توسيع تي زور ڏنو. هن پ??ڪس??ان جي معاشي ۽ اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي ۾ چين جي مستقل تعاون جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جي پ??ڪس??ان ۽ چين جي گڏيل معاشي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مرڪزيت تي زور ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جي 10 سالا سالگرهه ان منصوبي کي نئين سر توسيع ڏيڻ جو هڪ سنهري موقعو آهي. ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چين کي زرعي روانگي واپار وڌائڻ ۾ پ??ڪس??ان جي دلچسپي کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي پ??ڪس??ان ۽ چين جي وچ ۾ زرعي، صنعتي ۽ مواصلاتي سميت ٻين شعبن ۾ مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن علائقائي مسئلن ۽ پنهنجي قومي مفادن جي تحفظ تي هڪ ٻئي جي حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني نائب وزيراعظم ه?? لي فينگ جي مان ۾ مانجهاندي جو پڻ اهتمام ڪيو. چيني وفد ۾ چيني اسٽيٽ ڪائونسل جو ڊپٽي سيڪريٽري جنرل گووي، چيني نائب پرڏيهي وزير سن وي ڊونگ، نائب چيئرمين نيشنل ڊيولپمينٽ اي??ڊ ريفارم ڪميشن ڪونگ ليانگ، پيپلز بئنڪ آف چائنا جي ڊپٽي گورنر زوان چينگنينگ ۽ وانگ ڪيبنگ، چيني واپار واري وزارت جي ايشيائي معاملن واري شعبي جي ڊائريڪٽر جنرل وانگ ليپنگ، پ??ڪس??ان ۾ چين جي سفارتخاني جي چارج ڊي افيئرز پانگ چنشوئي ۽ ٻيا اعليٰ چيني آفيسر شامل هئا. پ??ڪس??اني وفد ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رف??ق، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ مختلف وزارتن مان ٻيا اعليٰ آفيسر شامل هئا.