گوادر – 27 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي ويزن تي حقيقي عملدرآمد ۽ ٺوس ڪوششن سان انقلاب ايندو ۽ اهو پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام جي ??رقي ۽ خوشحالي جو ضامن هوندو، الله تع??لي?? بلوچستان کي بي پناهه وسيلن سان نوازيو آهي، ماضي جي ??ڪومت ملڪ کي مسئلن ۾ وڌو آهي، گوادر پورٽ دنيا جي ??هم ترين بندرگاهه آهي، گوادر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو منصوبو ۽ ايران کان 100 ميگاواٽ بجلي حاصل ڪرڻ سميت ڪيترائي منصوبا انتهائي گهٽ وقت ۾ مڪمل ڪيا ويا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف اهڙن خيالن جو اظهار گوادر بزنس سينٽر ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر ۽ افتتاح جي موقعي تي پنهنجي ??طاب ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته ايس آئي ايف سي پاڪستان جي ??رقي ۽ خوشحالي جي لاءِ هڪ وڏو محرڪ ۽ ڏورس ويزن رکندڙ آهي، ان ويزن تي عملدرآمد ڪريون ته ڪا به شيءَ اسان جي ??رقي ۾ رڪاوٽ نه ٿي بڻجي ??گهي. وزيراعظم خضدار – پنجگور ٽرانسميشن لائين جي ??فتتاح، خضدار – بسيمه ٻن ڦاڪن واري رستي جي ??عمير، واٽر سپلائي ۽ ڊسٽري بيوشن اسڪيم، 1.2 ايم جي ڊي آر او ڊي سيلينشن پلانٽ ۽ گوادر پورٽ ڊريجنگ جي ??روعات جي لاءِ تختين جي نقاب ڪشائي ڪئي. هن آواران – نال ۽ آوارا – جهل جاهو رستن جي ??حالي ۽ اپ گريڊيشن، ايم 8 جي ??ضدار سيڪشن، گوادر سيف سٽي پراجيڪٽ ۽ گوادر يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي پيڙهه جو پٿر رکيو. هن نيو گوادر ۾ عالمي هوائي اڏي تي ايئر سائيڊ انفراسٽرڪچر (رن وي، ٽيڪسي وي ۽ اپرن) کي مڪمل ڪرڻ جي ??ختي جي نقاب ڪشائي پڻ ڪئي. هن چيو ته اڄ منهنجي ۽ اسان سڀني جي لاءِ خوشي ۽ اطمينان جو ڏينهن آهي، جڏهن الله تع??لي?? وزيراعظم جي ??هدي تي پچايو ته آئون 3 جون 2022ع تي گوادر پهتس، جڏهن هتي اچي رهيو هئس ته سفر دوران پريشان ڪندڙ صورتحال رهي، مون کي تمام گ??ڻي تڪليف ٿي رهي هئي ته اهڙو علائقو ۽ صوبو جنهن کي الله تع??لي?? بي پناهه نعمتن ۽ وسيلن سان نوازيو آهي، ميان نواز شريف جي ??ڪومت سي پيڪ تحت مختلف منصوبا پنهنجي وسيلن سان شرو ڪيا هئا، اهي سڀ چار سالن کانپوءِ دفن ٿي چڪا هئا. هن چيو ته پيئڻ جو پاڻي هڪ بنيادي ضرورت آهي، ڪالهه آئون ڪراچي ۾ هئس جيڪو پاڪستان جو سڀ کان وڏو ڪمائي ڪندڙ شهر آهي، اتي پيئڻ جي پاڻي جو چئلينج اڄ به آهي، اسان جي لاءِ اها شرمندگي جي ڳالهه آهي گيٽ وي ٽو پاڪستان ۾ پاڻي جو مسئلو آهي، اهڙي طرح نواز شريف جي ??ڪومت ۾ پيئڻ جي پاڻي جو منصوبو گوادر ۾ شروع ڪيو ويو جڪو بند پيل هو ۽ گوادر جا ماڻهو پيئڻ جي پاڻي لاءِ ترسي رهيا هئا، بجلي نه هجڻ جي ??رابر هئي، ايرانک ان 26 ڪلوميٽر جي ٽرانسميشن لائين تي به چار سالن ۾ ڪو ڪم نه ٿيو، گوادر جي ??وام بجلي نه هجڻ جي ڪري مشڪلاتن ۾ هئي. هن چيو ته بجلي جي ??دم موجودگي جي ڪري علائقي ۾ صنعت ۽ حرفت ته پري جي ڳالهه آهي هتي عوام رات وڏي مشڪل سان گذاريندي هئي، اهڙي طرح گوادر پورٽ تي سامونڊي طوفان کان تحفظ جو منصوبو هو جنهن جي لاءِ چين کي هڪ وڏي رقم فراهم ڪرڻي هئي، اهو منصوبو به ٺپ پيل هو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته گوادر جي ??يڪا بندرگاهه ٺاهي وئي ان جو مثال دنيا ۾ گهٽ آهي، اها سڄي دنيا ۾ سڀ کان گهري بندرگاهه آهي، ان سان پاڪستان نار ملڪن، افغانستان سميت چين سان رابطن ۾ اضافو ٿيڻو هو، بندرگاهه انتهائي اهميت رکندڙ آهي جنهن کي سڄي دنيا تسليم ڪري ٿي پر هتي ان جي گهرائي تمام گ??ٽ ٿي چڪي هئي، وڏو جهاز نه پئي اچي سگهيو، 2015ع کانپوءِ ان تي ڊريجنگ نه ٿي، مون لاڳاپيل عملدارن کي چيو ۽ پوءِ ٽينڊر جي ??ريعي ڪمپني سان معاهدو ڪيو، هاڻي ڊريجنگ جو ڪم جاري آهي. هن چيو ته انشاءَالله ايندڙ سال فيبروري مارچ تائين مڪمل ٿي ويندو. وزيراعظم شهباز شريف وفاقي احسن اقبال کي هدايت ڪئي ته منصوبي جي لاءِ گهربل باقي فنڊز جاري ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته سڀ کان وڌيڪ ۽ تڪليف ڏيندڙ ڳالهه ڪهڙي ٿي سگهي ٿي جو الله تع??لي?? اسان کي هڪ شاندار تحفو عنايت فرمايو آهي ۽ گذريل چار سالا دور حڪومت ۾ رڳو هتي هڪ لک ٽن ڪارگو هينڊلنگ ڪئي وئي ۽ هاڻي اسان جي ??ڪوتم جي مختصر عرصي دوران مشڪلاتن جي ??اوجود رڳو هڪ سال ۾ 6 لک ٽن ڪارگو ان لوڊ ٿيو آهي، ان جو مقصد اهو هو ته بندرگاهه کي مصروف بڻائي پوري ملڪ کي ان جو فائدو پهچايو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ??يڪ??هن اسٽريٽجڪ لحاظ کان خدا تع??لي?? اسان کي هڪ کان وڌيڪ بندرگاهون عنايت فرمايون آهن ته اسان تي لازمي آهي ته ان بندرگاهه کي تيز رفتاري سان ترقي ڏيون ته جيئن اها ڪراچي بندرگاهه جو بار ونڊي سگهي ۽ ملڪ ۾ بهتر طور تي ڪم ڪري سگهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ماضي جي ??ڪومت جي چار سالا اقتدار جي ??وران هڪ لک ٽن ڪارگو آيو جڏهن ته اسان جي هڪ سال ۾ 6 لک ٽن ڪارگو آيو. هن چيو ته گذريل حڪومت جي ??ور ۾ پيئڻ جي پاڻي جو منصوبو ٺپ پيل رهيو ۽ اسان خدا جي فضل سان هڪ سال ۾ مڪمل ڪيو آهي. هن چيو ته ڪهڙو سبب آهي جو انهن جي چار سالن ۾ ايران کان بجلي جي لاءِ رڳو 26 ڪلوميٽر جي پهچ لائين نه وڇائي سگهي پر اسان 6، 8 مهينن ۾ الحمدالله ان کي به مڪمل ڪري ورتو آهي، هاڻي گوادر ۾ 100 ميگاواٽ بجلي اچي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪهڙو سبب آهي جو پنجگور ٽرانسميشن لائين منصوبو ٺپ پيل رهيو پر اسان سمورين مالي مشڪلاتن جي ??اوجود ۽ خاص طور تي پرڏيهي ناڻو فراهم ڪري منصوبا مڪمل ڪيا، هي اهي ننڍڙيُون خدمتون آهن جيڪي اسان گوادر ۽ علائقي جي ??وام جي لاءِ سرانجام ڏنيون آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ??يڪ??هن ڪوشش ڪئي وڃي ته الله تع??لي?? آسانيون پيدا ڪري ٿو پر ??يڪ??هن ڏينهن رات چور، ڌاڙيل ۽ گارگند کي رواج ڏئي سڄي مخالف ڌر جي ??ذليل ڪئي وڃي ۽ پاڻ کي فرشتو چيو وڃي ته ڇا اهي ان جا نتيجا آهن جيڪي توهان سڀني جي ??امهون آهن؟ هن چيو ته چين اسان جو لازوال دوست آهي، اڃا ڪالهه ئي ايگزم بئنڪ چائنا 2.4 ارب ڊالر ايندڙ ٻن سالن جي لاءِ ٻيهر رول اوور ڪري ڇڏيا آهن. هن سوال ڪيو ته ٻڌايو ته ??يڪ??هن اهي قسطون اسان کي هلندڙ سال ۽ ايندڙ سال ڏيڻيون پون ها ته اسان ڪٿي هجون ها؟ ايگزم بئنڪ اها سهولت ڏني۔ هن چيو ته جڏهن آئون پهريون ڀيرو هتي آيس ته مسئلا ئي مسئلا هئا. هن چيو ته هي پاڪستان جو خوبصورت ترين علائقو آهي جنهن کي الله تع??لي?? بي پناهه وسيلن سان نوازيو آهي جن تي سڀ کان پهريون حق بلوچستان جي ??وام جو آهي، ان کانپوءِ ڪنهن ٻئي جو حق آهي. هن چيو ته اسان ??يڪ??هن ان سوچ کي اڳتي کڻي هلون ها ته هتي خوشحالي ئي خوشحالي هجي ها پر هڪ محدود ۽ منفي ۽ بيمار ذهنيت سڄي سفر کي خراب ڪري ڇڏيو. هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ته اسان سڀ گڏجي ??وشحالي جي ??فر کي اڳتي کڻي وڃون ته رڳو ڪجهه سالن ۾ ماضي جي ڪيترن ئي ڏهاڪن جي ??ي پناهه نقصان کي انشاءَ الله ختم ڪري بي پناهه نفعو به ڪمائينداسين. هن چيو ته گوادر ۾ پهريون ڀيرو مهاڻن سان ملاقات ٿي هئي ۽ انهن کي ٻيڙين جي لاءِ انجڻ فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو، ان حوالي سان قيمتون مناسبت نه اچي رهيون هيون، پوءِ اسان فيصلو ڪيو ته اسان 3 هزار مهاڻن کي في فرد 2.5 لک رپيا فراهم ڪنداسين. هن چيو ته منهنجي ??ڪومت جيڪو واعدو ڪيو هو اهو پورو ڪيو ويندو. وزيراعظم بلوچ ڀائرن ۽ ڀينرن کي گذارش ڪئي ته توهان تي ??يڪ??هن ڪير احسان ڪري ته ان جو احسان ياد رکو. هن بلوچ عوام کي گذارش ڪئي ته جيڪي توهان جا محسن آهن انهن جي ??لاف ??يڪ??هن ڪارروايون ٿينديون آهن ته ٻاهرئين دشمن جي ??يجنڊا کي سگهه ملي ٿي، جيڪي چاهين ٿا ته خُدا نه ڪري پاڪستان ترقي نه ڪري سگهي. هن چيو ته ان سان اسان جا محسن ڇا سوچيندا. هن چيو ته چين کانسواءِ ڪهڙو ملڪ آهي جيڪو هن صوبي جي ??يرخواهي چاهي ٿو. وزيراعظم چيو ته سمورا مسئلا بلڪل ٺيڪ ٿي ويندا پر ان جي لاءِ شروعات ڪرڻ جي ??رورت آهي. هن چيو ته بلوچستان ۽ سڄي پاڪستان ۾ لکين ٽيوب ويلز کي ??يڪ??هن شمسي توانائي سان هلايو وڃي ته زرعي انقلاب اچي سگهي ٿو، اسان جا دوست چاهين ٿا ته ائين ٿئي. هن چيو ته بلوچستان ملڪ جو سڀ کان وڏو صوبو آهي، ??يڪ??هن بجلي جي پهچ لائين وڇايون ته آبادي پري پري هجڻ جي ڪري اربين رپيا خرچ ٿيندا. هن چيو ته ملڪ جي ??رقي ۽ زرعي شعبي جو حل سولر ٽيوب ويلز آهي، منهنجي ۽ ايندڙ حڪومتن کي اها ڳالهه سمجهي ڇڏڻ گهرجي، ملڪ جي ??رقي جي لاءِ سستي بجلي ضروري آهي جنهن جو اهم ذريعو سولر آهي.