باڪو – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري پاڪستان روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب آذربائيجان جي اول نائب وزيراعظم يعقو?? ايوبوف، نائب پرڏيهي وزير النور مامادوف، پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف ۽ آذربائيجان ۾ پاڪستان جي سفير بلال حئي وزيراعظم کي ??اڪو هوائي اڏي تي الوداع ڪيو.