اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ حڪومت زرعي شعبي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي جدت تي وڏي سيڙپڪاري ڪندي، ننڍن آبادگارن جي لاءِ بنا وياج جي قرضن جي پروگرام ۾ توسيع ڪئي وڃي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف سان ناڻي واري وفاقي وز??ر اسحاق ڊار جي قيادت ۾ معاشي ٽيم ملاقات ڪئي. ملاقات ?? معاشي ٽيم وز??راعظم کي مالي سال 23 – 2022ع بابت اقتصادي سروي پيش ڪئي. وز??راعظم معاشي ٽيم جي گذريل هڪ سال جي ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته گذريل حڪومت جي ننڍي معاشي چئلينجز ۽ تاريخي ٻوڏ جي باوجود م??اشي ٽيم جي ملڪي معيشت جي لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. وز??راعظم چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ حڪومت زرعي شعبي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي جدت تي وڏي سيڙپڪاري ڪندي. ننڍن آبادگارن کي اعليٰ معيار جو ٻج ۽ خودڪار زرعي مشينري سان ليس ڪيو ويندو. وز??راعظم هدايت ڪئي ته ايندڙ بجيٽ ۾ ننڍن آبادگارن جي لاءِ بنا وياج جي قرضن جي پروگرام ۾ توسيع ڪئي وڃي. في ايڪڙ وڌيڪ پيداوار حاصل ڪندڙ آبادگارن کي حڪومت انعام پڻ ڏيندي. ملاقات ?? ناڻي واري وفاقي وز??ر اسحاق ڊار، مملڪتي وز??ر ڊاڪٽر عائش?? غوث پاشا، خاص معاونين طارق باجوه، طارق پاشا ۽ ناڻي واري وزارت جي اهلڪارن شرڪت ڪئي.