اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف ترڪيھ جي صد?? رجب طيب اردوان جي حلف برداري واري تقريب جي موقعي تي انقره ۾ مختلف ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم شهباز شر??ف ترڪيھ جي اڳوڻي نائب وزيراعظم ۽ ايم ايڇ پي پارٽ?? جي چيئرمين دولت باهچيلي سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شر??ف کيس صد?? اردوان سان گڏ چونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون. حلف برداري تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شر??ف ۽ ڪوسوو جمهوريه جي صد?? وجوسه عثماني ساديرو جي به ملاقات ٿي، ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شر??ف جي ايران جي اول نائب صد?? محمد مخبر سان به ملاقات ٿي. وزيراعظم شهباز شر??ف بلوچستان ۽ سيستان سرحد تي مارڪيٽون قائم ڪرڻ ۽ ايران جي صد?? سان پنهنجي هاڻوڪي ملاقات جو حوالو به ڏنو. هن چيو ته ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ بارٽر واپار هڪ سٺي اڳڀرائي آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي عوام ??ي فائدو ٿيندو. صد?? اردوان جي حلف برداري واري تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شر??ف ازبڪستان جي صد?? شفقت مرزايوف سان به ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن علائقائي سهڪار، خطي کي رابطن سان ڳنڍڻ ۽ مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار جي رفتار تيز ڪرڻ تي به ڳالهيون ڪيون.