اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ 15 جولاءِ تائين تماڪو ڪارخانن ۾ ٽريڪ اي??ڊ ٽريس سسٽم هڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪنهن کي به ملڪي خزاني کي نقصان ??هچ??ئڻ نه ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ٽوبيڪو ڪمپني جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جو صلاحڪار احد خان چيما، اي?? بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار موجود هئا. وزيراعظم م??ڪ ۾ سگريٽ ۽ تماڪو مصنوعات جي غيرقانوني وڪري جي خلاف هنگامي بنيادن تي قدمن جي هدايت ڪندي چيو ته اسمگلنگ ۽ ٽيڪس چوري ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف فوري ڪارروائي ??ئي وڃي. وزيراعظم 15 جولاءِ تائين سگريٽ جي سمورن ڪارخانن ۾ ٽيڪس چوري جي روڪٿام لاءِ ٽريڪ اي??ڊ ٽريس سسٽم هڻڻ کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم اي?? بي آر چيئرمين کي هدايت ??ئي ته تماڪو جي غيرقانوني وڪري جي مڪمل روڪٿام ??ئي وڃي. وزيراعظم چيو ته اسمگلنگ ۽ ٽيڪس چوري وارا سگريٽ وڪرو ڪندڙن جي خلاف سخت ايڪشن کنيو وڃي. هن چيو ته ڪنهن کي به ملڪي خزاني کي نقصان ??هچ??ئڻ نه ڏينداسين.